Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 2:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ تڏهن مون آسمان جي خدا کان دعا گهري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهن تي بادشاهہ مون کي چيو تہ ”تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مطلب ڇا آهي؟“ تڏهن مون عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 2:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هڪڙي ماڻهوءَ دائود کي چيو تہ اخيتفل ابي سلوم سان منصوبو ڪندڙن مان آهي. ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي مشورت بدلائي بي عقلي ڪر.


جبعون ۾ خداوند سليمان کي رات جو خواب ۾ ڏيکاري ڏني: ۽ خدا چيو تہ ٻڌاءِ تہ آءٌ توکي ڇا ڏيان؟


اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ تون پنهنجي ٻانهي جي دعا ڏانهن، ۽ پنهنجن انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن ڌيان سان ڪن ڏي، جي تنهنجي نالي کان ڊڄڻ ڪري خوش ٿين ٿا: ۽ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄوڪي ڏينهن پنهنجي ٻانهي کي فتحياب ڪر، ۽ هن ماڻهوءَ جي اڳيان اُنهيءَ تي رحم ڪر. (هاڻي آءٌ بادشاهہ جو پيالا بردار هوس.)


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن ويهي روئڻ لڳس، ۽ ڪي ڏينهن پئي ماتم ڪيم، ۽ آسمان جي خدا جي اڳيان دعا گهريم.


۽ مون چيو تہ اي خداوند، آسمان جا خدا، عظيم ۽ هيبت وارا خدا، تون جو انهن سان عهد پورو ڪرين ٿو، ۽ انهن تي رحم ڪرين ٿو، جي تو سان محبت ٿا رکن، ۽ تنهنجا حڪم بجاءِ ٿا آڻين، سو تون منهنجو عرض ٻڌ:


تڏهن مون هنن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ آسمان جو خدا اسان کي ڪامياب ڪندو؛ تنهنڪري اسين سندس ٻانها اُٿي اڏينداسين: پر اوهان جو يروشلم ۾ نڪو حصو آهي، نہ حق، نہ يادگار.


۽ بادشاهہ کي چيم تہ جي بادشاهہ جي مرضي هجي، ۽ جي تنهنجي ٻانهي تنهنجي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، تہ تون مون کي يهوداہ ۾ موڪلي ڏي، تہ جنهن شهر ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، انهيءَ کي وڃي اڏايان.


تڏهن بادشاهہ چيس تہ راڻي آستر، تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟ جي اڌ بادشاهت کڻي گهرين تہ بہ توکي ڏني ويندي.


۽ بادشاهہ شراب پيئڻ مهل آستر کي چيو تہ تنهنجو عرض ڪهڙو آهي تہ اهو قبول ڪيو وڃي: ۽ تنهنجو سوال ڪهڙو آهي؟ بادشاهت جي اڌ تائين بہ اُهو پورو ڪيو ويندو.


۽ ٻئي ڏينهن بہ شراب پيئڻ مهل بادشاهہ وري آستر کي چيو تہ راڻي آستر، تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: ۽ تنهنجو سوال ڪهڙو آهي؟ ٻڌاءِ تہ بادشاهت جي اڌ تائين اُهو پورو ڪيو وڃي.


آسمان جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


پنهنجن سڀني رستن ۾ هن کي مڃ، ۽ هو توکي سنئون رستو ڏيکاريندو.


۽ يسوع ورندي ڏيئي چيس تہ تون ڇا ٿو گهُرين تہ آئون تنهنجي لاءِ ڪريان؟ انڌي چيس تہ اي ربوني، اهو تہ آئون ڏسان وائسان.


تڏهن پلٽڻ جي سردار هٿ کان وٺي پاسي ڪري خلاصو ٿي پڇيس تہ مون کي ڇا چوڻو اٿيئي؟


ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو؛ پر جيڪو بہ عرض ڪريو، سو دعا ۽ منٿ سان شڪرگذاري سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ