Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 2:3 - Sindhi Bible

3 ۽ مون بادشاهہ کي چيو تہ شل بادشاهہ سدائين سلامت هجي: منهنجو چهرو ڇو نہ غمگين ٿئي، جڏهن اهو شهر، جنهن ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، سو ويران ٿي ويو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙي ويا آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر مون بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت! منهنجو منهن ڇو نہ لٿل هجي، جڏهن تہ اهو شهر جنهن ۾ منهنجا ابا ڏاڏا دفن ٿيل آهن، سو ويران ڪيو ويو آهي ۽ ان جا دروازا ساڙيا ويا آهن؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 2:3
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بت سبع منهن زمين تي جهڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏيئي چيو تہ شل منهنجو ڌڻي بادشاهہ دائود سدائين جيئرو رهي.


هاڻي پنجين مهيني جي ستين تاريخ، جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جو اوڻيهون ورهيہ هو، تنهن ۾ پهري واري فوج جو سردار نبوزرادان، جو بابل جي بادشاهہ جو هڪڙو نوڪر هو: سو يروشلم ۾ آيو.


جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ٻٽيهن ورهين جي عمر جو هو ۽ هن يروشلم ۾ اٺ سال بادشاهي ڪئي: ۽ هو بي سوءَ لڏي هليو ويو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون، پر بادشاهن جي قبرستان ۾ نہ.


۽ آخز پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ کيس شهر ۾، يعني يروشلم ۾ دفن ڪيائون، ڇالاءِ جو هن کي اسرائيل جي بادشاهن جي قبرستان ۾ نہ آندائون: ۽ سندس پٽ حزقياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


۽ حزقياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ هن کي دائود جي پٽن جي قبرستان واريءَ چاڙهيءَ تي دفن ڪيائون، ۽ سندس مرڻ مهل ساري يهوداہ ۽ يروشلم جي ماڻهن هن کي تعظيم ڏني، ۽ سندس پٽ منسي سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


۽ هنن خدا جو گهر ساڙي ڇڏيو، ۽ يروشلم جي ڀت ڀڃي ڊاهي ڇڏي، ۽ ان جون سڀ محلاتون باهہ سان ساڙي ڇڏيون، ۽ ان جا سڀ سهڻا باسڻ ناس ڪري ڇڏيائون.


۽ انهن مون کي چيو تہ جيڪي انهيءَ پرڳڻي ۾ قيد ٿيڻ کان باقي بچيا آهن، سي ڏاڍي ڏک ۽ مصيبت ۾ آهن: يروشلم جي ڀت بہ ڀڄي پيئي آهي، ۽ انهيءَ جا در باهہ سان سڙي ويا آهن.


۽ آءٌ رات جو واديءَ واري دروازي کان نڪري، ٻاهر ازدها واري کوهہ، ۽ ڇيڻن واري دروازي ڏانهن ويس، ۽ يروشلم جون ڀتيون، جي ڀڳيون ڊٺيون پيون هيون، ۽ اُن جا دروازا، جي باهہ سان سڙيا پيا هئا، سي ڏٺم.


ڇالاءِ جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي، سا ڀلا آءٌ ڪهڙيءَ طرح ڏسي سگهنديس؟ ۽ جيڪا تباهي منهنجي مٽن مائٽن تي ايندي، سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگهنديس؟


ڇو جو تنهنجا بندا انهيءَ جا پٿر بہ پسند ٿا ڪن، ۽ سندس مٽيءَ تي بہ ڪهل ٿي اچين.


تنهن ڪري قومون خداوند جي نالي کان ڊڄنديون، ۽ زمين جا سڀ بادشاهہ تنهنجي جلال کان ڊڄندا رهندا:


جيڪڏهن آءٌ توکي ياد نہ ڪريان، ۽ يروشلم کي پنهنجي وڏيءَ خوشيءَ کان بہ وڌيڪ نہ سمجهان، تہ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان وڃي لڳي.


ڇو جو منهنجي چيلهہ پيئي ٻري؛ ۽ منهنجي جسم ۾ صحت ڪانهي.


هاڻي پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ، جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو اوڻيهون ورهيہ هو، تنهن ۾ نبوزرادان، پهري وارن جو سردار، جو بابل جي بادشاهہ جي اڳيان بيهندو هو، سو يروشلم ۾ آيو:


اُن جا در ڪري زمين ۾ گهڙي ويا آهن؛ هن انهيءَ جا گز ناس ڪري ڇڏيا آهن: اُن جو بادشاهہ ۽ اُن جا امير انهن ملڪن ۾ آهن جتي شريعت نہ آهي؛ هائو، ان جي نبين کي ڪوبہ رويا خدا وٽان نٿو اچي.


تڏهن ڪسدين بادشاهہ کي ارامي ٻوليءَ ۾ چيو، تہ اي بادشاهہ شل سدائين سلامت رهين: پنهنجن ٻانهن کي اُهو خواب ٻڌاءِ تہ اسين انهي جو تعبير بيان ڪريون.


اُنهن نبوڪدنضر بادشاهہ کي چيو، تہ اي بادشاهہ تون شل سدائين سلامت رهين:


هاڻي ملڪہ بادشاهہ ۽ اميرن جو چوڻ ٻڌي مجلس واري جاءِ ۾ آئي: ۽ ملڪہ چيو تہ اي بادشاهہ، شل سدائين سلامت رهين؛ تنهنجا خيال توکي پريشان نہ ڪن، ۽ نہ تنهنجي شڪل ڦري:


تڏهن داني ايل بادشاهہ کي چيو، تہ اي بادشاهہ، شل تون سدائين سلامت هجين:


تڏهن اهي وزير ۽ والي بادشاهہ جي حضور ۾ گڏ ٿيا، ۽ چيائونس تہ اي بادشاهہ دارا، شل سدائين سلامت هجين.


۽ آءٌ اوهان جا شهر ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان جا پاڪ مڪان سڃا ڪري ڇڏيندس، ۽ آءٌ اوهانجين خوشبودار شين کي ڪين سنگهندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ