Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 2:17 - Sindhi Bible

17 تڏهن مون هنن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو بڇڙو حال آهي ۽ ڪيئن يروشلم ويران ٿيو پيو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙيا پيا آهن: اچو تہ يروشلم جي ڀت اڏيون، تہ اڳتي خوار خراب نہ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ مون هنن کي ٻڌايو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي. يروشلم ويران ٿيو پيو آهي ۽ ان جا دروازا سڙيا پيا آهن. سو اچو تہ يروشلم جون ڀتيون وري تعمير ڪريون تہ جيئن اسين وڌيڪ خوار خراب نہ ٿيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 2:17
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسين غلام آهيون؛ انهيءَ هوندي بہ اسان جي خدا اسان کي غلاميءَ ۾ بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر فارس جي بادشاهن جي نظر ۾ اسان کي رحم عطا ڪيو اٿس، جو اسان کي تازو ڪيو اٿس، تہ پنهنجي خدا جو گهر کڙو ڪريون، ۽ ان جي ڀڳل ڀريل حصن جي مرمت ڪريون، ۽ اسان کي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ ڀت ڏني اٿس.


۽ انهن مون کي چيو تہ جيڪي انهيءَ پرڳڻي ۾ قيد ٿيڻ کان باقي بچيا آهن، سي ڏاڍي ڏک ۽ مصيبت ۾ آهن: يروشلم جي ڀت بہ ڀڄي پيئي آهي، ۽ انهيءَ جا در باهہ سان سڙي ويا آهن.


۽ آءٌ رات جو واديءَ واري دروازي کان نڪري، ٻاهر ازدها واري کوهہ، ۽ ڇيڻن واري دروازي ڏانهن ويس، ۽ يروشلم جون ڀتيون، جي ڀڳيون ڊٺيون پيون هيون، ۽ اُن جا دروازا، جي باهہ سان سڙيا پيا هئا، سي ڏٺم.


۽ حاڪمن کي اها خبر ڪانہ پيئي تہ آءٌ ڪيڏانهن ويس، ۽ ڇا ڪيم: ۽ نہ اها ڳالهہ مون يهودين کي، يا ڪاهنن کي يا اميرن کي يا حاڪمن کي، يا ٻين ڪم ڪندڙن کي ٻڌائي هئي.


۽ حوض واري دروازي جي مرمت سلوم بن ڪل حوزہ ڪئي، جو مصفاہ جي ضلعي جو حاڪم هو؛ انهيءَ اهو جوڙايو ۽ ڍڪيو، ۽ انهيءَ جا طاق، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائين، ۽ شيلوخ جي ڍنڍ جي ڀت، جا بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان آهي، ۽ انهيءَ ڏاڪڻ تائين جا دائود جي شهر کان هيٺ لهي ٿي وڃي سا جوڙيائين.


تنهن ڪري قومون خداوند جي نالي کان ڊڄنديون، ۽ زمين جا سڀ بادشاهہ تنهنجي جلال کان ڊڄندا رهندا:


تو اسان جي پاڙيسرين کان اسان کي طعنا هڻايا آهن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس ٿا رهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


تو اسان کي قومن ۾ پهاڪي جو سبب ڪيو آهي، ۽ ماڻهو اسان تي ڪنڌ پيا ڌوڻين.


اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ.


اسان جا پاڙيسري اسان کي طعنا ٿا هڻن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس آهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


آءٌ انهن کي اهڙو ڇڏي ڏيندس جو هو زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ مصيبت منجهہ دربدر ٿي ويندا؛ ۽ جن جن جاين تي آءٌ انهن کي هڪالي موڪليندس اُتي هو ملامت، ۽ پهاڪو، ۽ طعنو، ۽ لعنت ٿيندا.


خداوند يعقوب جون سڀ رهڻ جون جايون ڳهي ڇڏيون آهن، ۽ قياس بہ ڪونہ آيس؛ هن پنهنجي ڪاوڙ ۾ يهوداہ جي ڌيءَ جا قلعا ڊاهي ڇڏيا آهن؛ هن اهي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن؛ هن انهيءَ جي بادشاهت ۽ انهيءَ جا امير ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن.


منهنجي اک، منهنجي شهر جي سڀني ڌيئن ڪري منهنجي روح کي رنج ٿي ڪري.


تنهن کانسواءِ جيڪي قومون تنهنجي آس پاس آهن تن ۾، ۽ جيڪي ماڻهو تنهنجي پاسي کان لنگهندا تن جي نظر ۾، آءٌ توکي ويران ۽ خواري ڪندس.


تنهنجين ڀتين جوڙڻ جو ڏينهن! انهيءَ ڏينهن تنهنجي حد وڌائي ويندي.


۽ ناحس عمونيءَ هنن کي چيو، تہ انهي شرط تي آءٌ اوهان سان عهد ڪندس، تہ اوهانجون ساڄون اکيون ڪڍائي ڇڏيان؛ ۽ اهو خواريءَ جو عيب ساري اسرائيل تي رکان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ