Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 2:12 - Sindhi Bible

12 ۽ رات جو آءٌ اُٿيس، ۽ ڪي ٻيا ٿورا ماڻهو بہ مون سان هئا؛ مون ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٻڌايو تہ خدا منهنجي دل ۾ يروشلم جي اڏائڻ لاءِ ڇا وڌو آهي: جنهن وهٽ تي آءٌ چڙهيل هوس، تنهن کانسواءِ ڪو ٻيو وهٽ بہ مون سان ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 رات جو ڪجھہ ماڻهن سان گڏجي اتان نڪتس. مون ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٻڌايو تہ خدا منهنجيءَ دل ۾ يروشلم بابت ڇا وڌو آهي. جنهن وهٽ تي آءٌ چڙهيل هئس، تنهن کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪو وهٽ ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 2:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛


پوءِ آءٌ يروشلم ۾ آيس، ۽ ٽي ڏينهن اتي هوس.


۽ آءٌ رات جو واديءَ واري دروازي کان نڪري، ٻاهر ازدها واري کوهہ، ۽ ڇيڻن واري دروازي ڏانهن ويس، ۽ يروشلم جون ڀتيون، جي ڀڳيون ڊٺيون پيون هيون، ۽ اُن جا دروازا، جي باهہ سان سڙيا پيا هئا، سي ڏٺم.


يروشلم جي سلامتيءَ لاءِ دعا گهرو، جيڪي توکي پيار ٿا ڪن سي سرفراز ٿيندا.


پنهنجي مهربانيءَ ڪري صيون سان ڀلائي ڪر؛ ۽ يروشلم جون ڀتيون اڏ.


سياڻو ماڻهو علم لڪائي ٿو: پر بي عقلن جي دل بي عقليءَ جو ڍنڍورو ڏئي ٿي.


ڦاڙڻ لاءِ وقت، ۽ سبڻ لاءِ وقت؛ ماٺ ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ ڳالهائڻ لاءِ وقت؛


پر خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد اقرار آهي جو آءٌ انهن ڏينهن کان پوءِ اسرائيل جي گهراڻي سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي اندر ۾ رکندس ۽ هنن جي دل ۾ لکندس؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا:


۽ آءٌ هنن سان مدامي عهد اقرار ڪندس، ۽ آءٌ هنن سان چڱائي ڪرڻ کان ڪين ڦرندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو خوف هنن جي دل ۾ وجهندس تہ هو مون کان پري نہ وڃن.


تنهنڪري جيڪو سياڻو هوندو، سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاريندو؛ ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.


اوهين ڪنهن دوست تي ڀروسو نہ رکو، ڪنهن سونهين تي ويساهہ نہ ڪريو: جيڪا تنهنجي جان سان لڳي سمهي ٿي، تنهن کان بہ پنهنجي وات جو در بند رک.


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


تنهن تي هو اُٿيو ۽ ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي، راتوواهہ مصر ملڪ ڏانهن هليو ويو؛


پر خدا جو شڪر آهي جو اوهان جي لاءِ طيطس جي دل ۾ ههڙي سرگرمي پيدا ڪئي اٿس.


تنهنڪري يشوع اوچتو هنن تي ڪاهي آيو، ۽ سڄي رات جلجال مان نڪري پنڌ ڪندو ويو.


ڇالاءِ جو خدا هنن جي دل ۾ وجهندو تہ هو سندس مرضيءَ تي هلن، ۽ هڪڙيءَ راءِ تي اچي بيهن، ۽ پنهنجي پنهنجي بادشاهت انهي جانور کي ڏين، جيسين ڪ خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.


تڏهن جدعون پنهنجي نوڪرن مان ڏهہ ڄڻا وٺي، ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند فرمايو هوس: ۽ هيئن ٿيو جو پنهنجي پيءُ جي گهر وارن، ۽ شهر جي ماڻهن جي ڊپ کان ڏينهن ڏٺي جو ائين ڪري نہ سگهيو، تنهنڪري رات جو ائين ڪيائين.


تنهنڪري هاڻي تون، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو تو ساڻ آهن، سي رات جو اُٿو، ۽ وڃي ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ