Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 2:1 - Sindhi Bible

1 ۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال ۾، نيسان مهيني ۾، هيئن ٿيو تہ جڏهن شراب هن جي اڳيان هو، تڏهن مون شراب کڻي بادشاهہ کي ڏنو. هاڻي آءٌ اڳي ڪڏهن بہ سندس حضور ۾ غمگين نہ ٿيو هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 چئن مهينن کان پوءِ هڪڙي ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي اڳيان مئي آندي ويئي، تڏهن مون مئي کڻي بادشاهہ کي ڏني. ان کان اڳ هن مون کي ڪڏهن بہ غمگين نہ ڏٺو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 2:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرعون جو پيالو منهنجي هٿ ۾ هو؛ پوءِ مون ڊاک کڻي فرعون جي پيالي ۾ نچوڙي وڌي ۽ اهو پيالو فرعون جي هٿ ۾ ڏنم.


۽ سردار ساقيءَ کي وري سندس عهدي تي مقرر ڪيائين؛ ۽ هو وري فرعون جي هٿ ۾ پيالو ڏيڻ لڳو:


۽ ارتخششتا جي ڏينهن ۾ بشلام، متردات، طابئيل ۽ ان جي ٻين سنگتين فارس جي بادشاهہ ارتخششتا کي لکيو؛ ۽ اهو خط ارامي اکرن ۾ ۽ ارامي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.


هاڻي انهن ڳالهين کانپوءِ، فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي بادشاهيءَ ۾، عزرا بن سراياہ، بن خلقياہ،


۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ستين ورهيہ ۾، بني اسرائيل، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين، ۽ ڳائڻن، ۽ دربانن، ۽ نتينيم مان ڪي ماڻهو چڙهي يروشلم ڏانهن ويا.


نحمياہ بن حڪلياہ جو ڪلام. ويهين ورهيہ جي ڪسليو واري مهيني ۾، هيئن ٿيو تہ جڏهن آءٌ سوسن واري محلات ۾ هوس،


اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ تون پنهنجي ٻانهي جي دعا ڏانهن، ۽ پنهنجن انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن ڌيان سان ڪن ڏي، جي تنهنجي نالي کان ڊڄڻ ڪري خوش ٿين ٿا: ۽ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄوڪي ڏينهن پنهنجي ٻانهي کي فتحياب ڪر، ۽ هن ماڻهوءَ جي اڳيان اُنهيءَ تي رحم ڪر. (هاڻي آءٌ بادشاهہ جو پيالا بردار هوس.)


بادشاهہ اخسويرس جي بادشاهت جي ٻارهين سال جي پهرين مهيني ۾، جو نيسان جو مهينو آهي، هنن هامان جي روبرو پور يعني ڪُڻو وڌو، ۽ اُهو روز بروز، ۽ ماهہ بماهہ، ٻارهين مهيني تائين، جو ادار جو مهينو آهي، وجهندا رهيا.


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ