Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:7 - Sindhi Bible

7 پوءِ آءٌ يروشلم ۾ آيس، ۽ خدا جي گهر جي ايوانن ۾ طوبياہ لاءِ ڪوٺي تيار ڪرڻ سان جيڪا خرابي الياسب ڪئي هئي سا معلوم ڪيم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ۽ موٽي يروشلم ۾ آيس. هتي اچي انهي خرابيءَ جي خبر پيم، جيڪا الياسب ڪئي هئي جو هن طوبياہ کي خدا جي گھر جي اڱڻ ۾ رهڻ لاءِ ڪوٺي ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:7
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اليوعيني جا پٽ؛ هوديواهو، الياسب، فلاياہ، عقوب، يوحنان، دلاياہ، ۽ عناني، مڙئي ست ڄڻا.


هاڻي جڏهن هي ڪم پورا ٿيا، تڏهن امير مون وٽ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اسرائيل جي ماڻهن، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين پاڻ کي ماڻهن کان ڌار نہ ڪيو آهي، ۽ انهن جي ڪراهت وارن دستورن موجب هليا آهن، يعني ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ عمونين، ۽ موآبين، ۽ مصرين، ۽ امورين جي دستورن موجب:


انهيءَ ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي هنن موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو؛ ۽ انهيءَ ۾ لکيل ڏسڻ ۾ آيو تہ عموني ۽ موآبي خدا جي جماعت ۾ ڪڏهن بہ داخل نہ ٿين؛


سندس لاءِ هڪڙي وڏي ڪوٺي تيار ڪئي هئي، جتي اڳي کاڌي جون قربانيون، لوبان ۽ باسڻ ۽ اَن جون ڏهاڪيون، شراب ۽ تيل، جو حڪم موجب لاوين ۽ ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبو هو، ۽ ڪاهنن جي لاءِ کڻڻ جون قربانيون، رکڻ ۾ اينديون هيون.


دشمن پنهنجو هٿ ان جي سڀني وڻندڙن شين تي ڊگهو ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن ڏٺو آهي تہ غير قومن وارا سندس پاڪ جاين ۾ گهڙي آيا آهن، جن جي نسبت ۾ تو حڪم ڪيو هو تہ تنهنجي جماعت ۾ داخل نہ ٿين.


ڇالاءِ جو اي ڀائرو، اوهان جي نسبت مون کي ڪلوئيءَ جي گهراڻي وارن کان معلوم ٿيو آهي تہ اوهان ۾ جهيڙا جهڳڙا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ