Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:6 - Sindhi Bible

6 پر اُهو سڄو وقت آءٌ يروشلم ۾ نہ هوس: ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ ارتخششتا جي ٻٽيهين سال ۾ آءٌ انهيءَ بادشاهہ وٽ موٽي ويس، ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ بادشاهہ کان موڪل گهريم:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انهن ڏينهن دوران آءٌ يروشلم ۾ ڪونہ هئس، ڇاڪاڻ تہ بابل جي بادشاهہ ارتخششتا جي شاهيءَ جي ٻٽيهين سال آءٌ انهيءَ شهنشاهہ ڏانهن موٽي ويو هئس. ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ مون کانئس موڪل ورتي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:6
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن ست ڏينهن خوشيءَ سان بي خميري مانيءَ جي عيد ڪئي: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي خوش ڪيو هو، ۽ اسور جي بادشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي هئي، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي خدا جي گهر جي ڪم ۾ هنن جي هٿن کي مضبوط ڪري.


۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال ۾، نيسان مهيني ۾، هيئن ٿيو تہ جڏهن شراب هن جي اڳيان هو، تڏهن مون شراب کڻي بادشاهہ کي ڏنو. هاڻي آءٌ اڳي ڪڏهن بہ سندس حضور ۾ غمگين نہ ٿيو هوس.


تنهن کان سواءِ، جنهن وقت مان يهوداہ جي ملڪ ۾ هنن جو حاڪم مقرر ٿيس، تنهن وقت کان وٺي، يعني ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال کان وٺي، ٻٽيهين سال تائين، يعني ٻارهن سال، مون ۽ منهنجن ڀائرن، حاڪم جي ماني نہ کاڌي آهي.


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ کي جبل تان لهڻ ۾ دير ٿي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا، ۽ چيائونس تہ اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جي اسان جي رهبري ڪن: ڇالاءِ تہ هي شخص موسيٰ، جو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهي، تنهن بابت اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيس.


پر جڏهن ماڻهو سمهيا، تڏهن سندن دشمن اچي ڪڻڪ ۾ جهنگلي ٻج بہ پوکي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ