Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:31 - Sindhi Bible

31 ۽ ٺهرايل وقتن تي ڪاٺين جي نذراني، ۽ پهرين ڦر لاءِ بہ انهن کي مقرر ڪيم. اي منهنجا خدا، منهنجي يادگيري چڱائيءَ لاءِ ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 مون مقرر وقت تي ساڙيون ويندڙ قربانين لاءِ ڪاٺين ۽ پهريتن ڦرن جي نذراني مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ پڻ بندوبست ڪيو. سو اي منهنجا خدا! مون کي مهربانيءَ جي نظر سان ياد رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:31
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسان يعني ڪاهنن، لاوين، ۽ باقي قوم ڪُڻا وڌا، انهيءَ لاءِ تہ ڪاٺين جي قرباني، سال بسال ٺهرايل وقتن تي پنهنجن ابن جي گهراڻن موجب پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻيون، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي ساڙيون، جيئن شريعت ۾ لکيل آهي:


۽ پنهنجيءَ زمين جي پهرين پيدائش، ۽ هر قسم جي وڻن جي ميون مان پهريان ميوا، سال بسال خداوند جي گهر ۾ آڻيون:


۽ ڪاهن، جو هارون جو پٽ آهي، سو لاوين جي ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت ساڻن حاضر رهندو: ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو، اسان جي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾، خزاني جي گهر ۾ آڻيندا.


اي منهنجا خدا، انهيءَ جي ڳالهہ جي نسبت ۾ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي چڱا ڪم مون پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ۽ اُن جي رسمن راهن پورين ڪرڻ لاءِ ڪيا، سي ميٽي نہ ڇڏج.


۽ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن، تہ سبت جو ڏينهن پاڪ رهي. اي منهنجا خدا، اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج، ۽ پنهنجيءَ وڏيءَ رحمت موجب مون کي معاف ڪج.


اي منهنجا خدا، جيڪي مون هنن ماڻهن جي لاءِ ڪيو آهي، سو سڀ منهنجي چڱائيءَ لاءِ ياد ڪج.


اي خداوند تنهنجي مهرباني جيڪا تنهنجيءَ اُمت تي آهي تنهن جي ڪري مون کي بہ ياد ڪر؛ پنهنجي نجات مون کي عطا ڪر.


منهنجيءَ جوانيءَ جي ڏوهن، ۽ منهنجن گناهن کي ياد نہ ڪر: پر پنهنجي ٻاجهہ سارو ڀلائي ڪري مون کي ياد ڪر.


پوءِ هن چيو، تہ اي يسوع، جڏهن تون پنهنجي بادشاهت ۾ اچين، تڏهن مون کي ياد ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ