Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:25 - Sindhi Bible

25 ۽ مون انهن سان جهيڙو ڪيو، ۽ پٽيومان، ۽ منجهان ڪن کي ڌڪ هنيم، ۽ سندن وار پَٽيم، ۽ خدا جو قسم کڻائي چيومان تہ اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي متان ڏيو، نڪي هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پاڻ لاءِ وٺجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 تڏهن مون انهن کي ڇينڀيو ۽ مٿن ڦٽ‌لعنت ڪيم. مون انهن مان ڪن ماڻهن کي مار بہ ڏني ۽ سندن وار بہ پٽيا. مون کانئن خدا جو قسم کڻائي واعدو ورتو تہ ”آئيندہ اسين پنهنجيون ڌيئرون ڌارين جي پٽن کي پرڻائي نہ ڏينداسون ۽ نہ وري اسين هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پنهنجي پرڻي لاءِ وٺنداسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:25
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن پٺتي منهن ورائي اُنهن کي ڏٺو، ۽ خداوند جي نالي سان پٽيائين. ۽ اوچتو ٻيلي مان ٻہ رڇڻيون نڪري آيون ۽ اُنهن مان ٻائيتاليهن ٻارن کي ڦاڙي ڇڏيائون.


تڏهن عزرا اُٿيو، ۽ ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين، ۽ سڀني اسرائيلين کان قسم کڻايائين، تہ هو انهيءَ حڪم موجب عمل ڪندا. ان موجب هنن قسم کنيو.


۽ جيڪو تنهنجي خدا جي شريعت موجب، ۽ بادشاهہ جي قاعدي موجب هلت نہ ڪري، تنهن تي ضرور سزا جاري ٿئي، پوءِ موت هجي، يا شهر نيڪالي هجي، يا مال متاع جي ضبطي هجي، يا قيد هجي.


تڏهن آءٌ حاڪمن سان جهيڙو ڪرڻ لڳس، ۽ چيومان تہ ڇو خداوند جو گهر ڇڏي ڏنو ويو آهي؟ ۽ مون انهن ماڻهن کي گڏ ڪري سندن جاءِ تي ويهاريو.


تڏهن مون يهوداہ جي اميرن سان تڪرار ڪيو، ۽ چيومان تہ اوهين هي ڪهڙو خراب ڪم ٿا ڪريو، جو سبت جو ڏينهن پليت ٿا ڪريو؟


۽ انهن جا ٻار اڌ اشدودي ٻولي ڳالهائيندا هئا، ۽ يهودين جي ٻولي ڳالهائي نہ سگهندا هئا، پر هرڪا قوم پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي هئي.


۽ مون پنهنجي جهول بہ ڇنڊي چيو، تہ شل خداوند هن طرح سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر کان، ۽ پنهنجي ڪمائيءَ کان ڇنڊي اُڇلائي ڇڏي، جو هن انجام موجب هلت نہ ڪري؛ شل اهو هن طرح ڇنڊجي خالي ٿي وڃي. ۽ سڄيءَ جماعت چيو تہ آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون. پوءِ ماڻهن انهيءَ انجام موجب هلت ڪئي.


۽ جڏهن مون اُنهن جو فرياد ۽ اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن آءٌ ڏاڍو ڪاوڙيس.


جيڪي بدڪار تنهنجيءَ شريعت کان ڦري ٿا وڃن، تن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪا پيئي کائي.


جنهن جي نظر ۾ ڪميڻو ماڻهو نفرتي آهي؛ پر جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، تن جي عزت ٿو ڪري، ۽ جڏهن قسم ٿو کڻي، تڏهن پنهنجي نقصان هوندي بہ ڦري نٿو وڃي.


۽ تون انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن لاءِ وٺين، ۽ انهن جون ڌيون پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي زناڪاري ڪن، ۽ تنهنجن پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پيروي ڪرائي زناڪار ٺهرائين.


جيڪي شريعت کي ترڪ ٿا ڪن سي شريرن جي تعريف ٿا ڪن، پر جيڪي شريعت تي هلن ٿا سي انهن سان وڙهن ٿا.


مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ ۽ انهي جي عبادت ڪج، ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


تون انهن سان مائٽي نہ ڳنڍج؛ تون پنهنجي ڌيءَ هنن جي پٽ کي نہ ڏج، نڪي هن جي ڌيءَ پنهنجي پٽ لاءِ وٺج.


نہ تہ جيڪڏهن ڪنهن بہ رستي اوهين ڦري ويندا، ۽ انهن باقي رهيلن قومن سان، يعني انهن سان جي اوهان منجهہ رهيل آهن، گڏجي ويندا ۽ انهن سان شاديون ڪندا، ۽ هو اوهان مان شاديون ڪندا، ۽ اوهين هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ