Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:19 - Sindhi Bible

19 ۽ هيئن ٿيو تہ سبت جي ڏينهن کان اڳي، جڏهن يروشلم جي دروازن ۾ اونداهي ٿيڻ لڳي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ دروازا بند ڪريو، ۽ اهو بہ حڪم ڏنو تہ جيستائين سبت لنگهي نہ وڃي، تيستائين اُهي نہ کوليو: ۽ پنهنجن نوڪرن مان ڪن کي مون دروازن جي نظرداريءَ لاءِ ويهاريو، تہ متان سبت جي ڏينهن ڪو بار اندر کڄي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پوءِ هيئن ڪيم جو سبت جي شروعات کان ئي يعني سج لهڻ وقت مون حڪم ڏنو تہ يروشلم شهر جا دروازا بند ڪيا وڃن ۽ سبت جي پوري ٿيڻ تائين نہ کوليا وڃن. مون پنهنجي ماڻهن مان ڪن کي دروازن تي بيهاري ڇڏيو تہ جيئن سبت جي ڏينهن ڪوبہ ماڻهو ڪو بار کڻي اندر نہ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:19
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري هر قسم جي سامان جا سوداگر ۽ وڪري ڪندڙ هڪڙو يا ٻہ ڀيرا يروشلم جي ٻاهران رات رهي پيا.


۽ مون هنن کي چيو تہ جيستائين اُس تيز نہ ٿئي، تيستائين يروشلم جا در نہ پٽجو؛ ۽ جيستائين هو پهري تي بيٺل هجن، تيستائين در بند رهن، ۽ انهن کي تاڙيون لڳل هجن: ۽ يروشلم جي رهاڪن مان پهري وارا مقرر ڪريو، جيئن سڀڪو پنهنجو پنهنجو پهرو ڏئي، ۽ سڀڪو پنهنجي گهر جي سامهون هجي.


۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا نہ لڻج، ۽ نڪي لاباري جي وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج: اهو تون غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.


اهو اوهان جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو: انهي مهيني جي نائين تاريخ جي شام کان وٺي ٻيءَ شام تائين، پنهنجي آرام جو وقت ڪري ليکجو.


تڏهن جيڪو ماڻهو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي چوڻ لڳا تہ اڄ سبت آهي، سو توکي کٽولو کڻڻ روا نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ