12 پوءِ سڄي يهوداہ، اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جي ڏهاڪي خزانن ۾ آندي.
12 سڄي بني اسرائيل اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا ڏهان حصا گودامن ۾ آندا.
تنهن کانسواءِ يروشلم جي رهاڪن کي هن حڪم ڏنو تہ ڪاهنن ۽ لاوين جو حصو ڏين، تہ هو خداوند جي شريعت جي ڪم ۾ پاڻ کي مشغول رکن.
۽ جنهن وقت اهو ڪم جاري ٿيو، تنهن وقت بني اسرائيل، اَن ۽ شراب، ۽ تيل ۽ ماکي، ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيدائش مان پهريون ڦر گهڻي انداز ۾ آڻي ڏنو، ۽ سڀني شين جو ڏهون حصو هنن گهڻوئي آڻي حاضر ڪيو.
انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون.
۽ زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جي پيدائش هجي توڙي وڻن جو ميوو هجي، اهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.
لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.
ڪو ماڻهو خدا جي چوري ڪندو ڇا؟ تہ بہ اوهين منهنجي چوري ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي چوري ڪئي آهي؟ ڏهاڪيءَ ۽ نذرانن ۾.
تون پنهنجي ٻج جي پيدائش منجهان، جا سال بسال تنهنجيءَ ٻنيءَ مان حاصل ٿي ٿئي، ڏهون حصو ضرور ڏيندو رهج.