Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:8 - Sindhi Bible

8 انهن کانسواءِ لاوي: يشوع، بنوي، قدمي ايل، سيربياہ، يهوداہ، متنياہ، جو پنهنجن ڀائرن سميت، شڪرگذاريءَ جي عبادت جي مٿان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ان وقت موٽي ايندڙ لاوي جيڪي شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ ڳائڻ جي اڳواڻي ڪندا هئا سي هي هئا: يشوع، بنوي، قدمي‌ايل، سيربياہ، يهوداہ ۽ متنياہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڳائڻ وارا، جي لاوين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هوندا هئا، ۽ جي ڪوٺين ۾ رهندا هئا، ۽ ٻي خدمت چاڪريءَ کان آزاد هوندا هئا، سي اهي آهن: ڇالاءِ جو اُهي رات ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهندا هئا.


لاوي: بني يشوع ۽ قدي ايل، بني هوداوياہ وارا، چوهتر.


تڏهن يشوع بن يوصدق ۽ سندس ڀائر جي ڪاهن هئا ۽ زربابل بن سالتي ايل ۽ سندس ڀائر اُٿي بيٺا، ۽ اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ جوڙيائون، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهين، جيئن ڪ خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


۽ متنياہ، بن ميڪا، بن زبدي، بن آسف، جو شڪرگذاريءَ جي عبادت شروع ڪرڻ وقت پيشوا هوندو هو، ۽ بقبوقياہ جو ان جي ڀائرن مان ٻيو هو؛ ۽ عبدا بن سموع، بن جلال، بن يدوتون.


پر يروشلم ۾ لاوين جي مٿان نظر ڪندڙ عزي بن باني، بن حسبياہ، بن متنياہ، بن ميڪا بہ هوندو هو، جو آسف جي پٽن مان هو، جي ڳائيندڙ هئا، ۽ خدا جي گهر تي ڪم ڪار تي مقرر هو.


۽ لاوين جا سردار هي هئا: حسبياہ، سيربياہ ۽ يشوع بن قدمي ايل سندن ڀائرن سميت، جي خداوند جي مرد دائود جي حڪم موجب، تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪ ٻئي جي سامهون مقرر هئا.


سلو، عموق، خلقياہ، يدعياہ. اهي هئا يشوع جي ڏينهن ۾ ڪاهنن ۽ انهن جي ڀائرن جا سردار.


۽ بقبوقياہ ۽ عنو، انهن جا ڀائر، انهن جي سامهون مقرر جاين ۾ هئا.


لاوي: يعني يشوع، ۽ قدمي ايل وارا، بني هوداوہ، چوهتر.


بني لبانہ، بني حجابہ، بني شلمي؛


تنهن کانپوءِ يشوع، ۽ باني، قدمي ايل، سبنياہ، بني، سربياہ، باني، ۽ ڪنعاني، لاوين جي ڏاڪڻ تي اُٿي بيٺا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان وڏي سڏ دانهون ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ