Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:47 - Sindhi Bible

47 ۽ زربابل جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ جي ڏينهن ۾، سڀ اسرائيلي ڳائڻ وارن، ۽ دربانن جي لاءِ روزمرہ جي گهرج موجب حصا ڏيندا هئا؛ ۽ هو لاوين جي لاءِ ڌار ڪندا هئا، ۽ لاوي هارون جي پٽن لاءِ ڌار ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 اهڙيءَ طرح زربابل جي ڏينهن ۾ توڙي نحمياہ جي ڏينهن ۾ سڀ بني اسرائيل هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن جي لاءِ روزانو جو حصو ڏيندا هئا. ماڻهو لاوين لاءِ حصو ڌار ڪري رکندا هئا ۽ لاوي وري ڪاهنن لاءِ حصو ڌار ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:47
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي ساري ڄمار ۾ جيڪو بادشاهہ جي طرفان هميشہ جو ڀتو مقرر هوس، تنهن جو حصو هر روز حساب موجب ملندو رهيس.


تڏهن هنن اچي شهر جي دربان کي سڏ ڪيو: ۽ چيائونس تہ اسين ارامين جي لشڪرگاهہ ۾ وياسين، ۽ ڏس، اُتي ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، نہ ڪو ڪنهن ماڻهوءَ جو آواز هو، پر گهوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا، ۽ تنبو بہ جيئن هئا تيئن بيٺا هئا.


جي زربابل، يشوع، نحمياہ، سرايا، رعلاياہ، مردڪي، بلشان، مسفار، بگوي، رحوم، ۽ بعنہ سان آيا. اسرائيل جي قوم جي ماڻهن جو تعداد:


ڇالاءِ جو انهن جي نسبت ۾ بادشاهہ جو حڪم جاري ٿيل هو، ۽ ڳائيندڙن جي لاءِ هر روز جي گهرج موجب، ڀتو مقرر ٿيل هو.


هاڻي جيڪي ڪاهن ۽ لاوي، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع سان گڏ موٽي آيا، سي هي آهن، سراياہ، يرمياہ، عزرا؛


۽ يويقيم جي ڏينهن ۾ ڪي ڪاهن، ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا: سراياہ مان مراياہ؛ يرمياہ مان حننياہ؛


يويقيم بن يشوع، بن يوصدق جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ حاڪم، ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد جي ڏينهن ۾ اهي هوندا هئا.


پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري.


انهن کي کائڻ لاءِ هڪ جيترو حصو ملندو، ۽ جيڪي هن جي اباڻي ملڪيت جي وڪري مان پيدا ٿئي، سو بہ ملندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ