Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:40 - Sindhi Bible

40 انهيءَ طرح شڪرگذاري ڪندڙن جون ٻئي ٽوليون خدا جي گهر ۾ بيهي رهيون، ۽ آءٌ بہ، ۽ اميرن مان اڌ جيترا، جي مون سان هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 اهڙيءَ طرح شڪرگذاري ڪندڙ ٻئي ٽوليون خدا جي گھر ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيون. مون بہ اڌ ماڻهن سميت ائين ئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:40
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن واري واري خداوند جي تعريف، ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳايا، ۽ چوڻ لڳا تہ هو چڱو آهي، ڇالاءِ جو هن جي رحمت اسرائيل تي هميشہ جٽاءُ ڪرڻ واري آهي، ۽ سڀني ماڻهن خداوند جي تعريف ڪرڻ وقت وڏي سڏ رڙيون ڪيون، ڇالاءِ جو خداوند جي گهر جو بنياد وڌو ويو.


۽ افرائيم واري دروازي جي مٿان، ۽ پراڻي دروازي، ۽ مڇيءَ واري دروازي، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ، ۽ همياہ جي ٺلهہ جي پاسي کان، رڍن واري دروازي تائين: ۽ پهري واري دروازي وٽ هو ماٺ ڪري بيهي رهيا.


۽ ڪاهن الياقيم، معسياہ، منيمين، ميڪاياہ، اليوعيني، زڪرياہ ۽ حننياہ، قرنائين سان؛


جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ