Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:27 - Sindhi Bible

27 ۽ يروشلم جي ڀت جي وقف ڪرڻ وقت سڀني جاين تان لاوين کي ڳوليائون، انهيءَ لاءِ تہ انهن کي وٺي يروشلم ۾ آڻين، تہ اها وقف ڪرڻ جي رسم خوشيءَ سان، ۽ شڪرگذاري ڪرڻ سان، ۽ جهانجهن، سنطورن، ۽ بربطن تي ڳائڻ سان بجا آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 يروشلم شهر جي ڀتين جي وقف ڪرڻ وقت لاوين کي سندن رهڻ وارن هنڌن تان ڳولي يروشلم ۾ آندو ويو، تہ جيئن هو يروشلم ۾ حاضر ٿي وقف ڪرڻ واري انهيءَ رسم کي خوشيءَ ۽ شڪرگذاريءَ سان ٽلين ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي بجا آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:27
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ماڻهن بادشاهہ دائود کي ٻڌايو تہ خداوند عوبيد ادوم جي گهراڻي کي، ۽ جن جو انهيءَ سان واسطو آهي تن سڀني کي خدا جي صندوق ڪري برڪت ڏني آهي. تڏهن دائود وڃي عوبيد ادوم جي گهر مان خدا جي صندوق خوشيءَ سان دائود جي شهر ۾ کڻي آيو.


۽ جيڪي سلامتيءَ جون قربانيون سليمان خداوند جي اڳيان چاڙهيون، تن جي لاءِ هن ٻاويهہ هزار ڏاند، ۽ هڪ لک ويهہ هزار رڍون پيش ڪيون. انهيءَ طرح بادشاهہ ۽ ساري اسرائيل خداوند جو گهر مخصوص ڪيو.


۽ دائود ۽ سڀني اسرائيلين پنهنجي طاقت آهر خدا جي اڳيان ڳايو وڄايو: راڳن سان، ۽ بربطن سان، ۽ سنطورن سان، ۽ دفن سان، ۽ جهانجهن سان، ۽ قرنائن سان.


۽ انهن کي چيائين تہ اوهين لاوين جي ابن جي گهراڻن جا سردار آهيو: اوهين پاڻ ۽ پنهنجن ڀائرن کي مخصوص ڪريو، تہ وڃي خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق انهيءَ جاءِ تي، جا مون تيار ڪئي آهي، کڻي اچو.


۽ دائود لاوين جي سردارن کي چيو تہ پنهنجن ڀائرن مان ڳائڻا مقرر ڪريو، تہ ساز، تنبورا، بربط ۽ جهانجهہ وڄائي، بلند آواز سان خوشيون ڪن.


انهيءَ طرح سڀني اسرائيلين نعرا هڻي ۽ زور سان ناد ۽ تريون، جهانجهہ، تنبورا ۽ بربط وڄائيندي، خدا جي عهدنامي جي صندوق آندي.


۽ دائود بني هارون ۽ بني لاوين کي گڏ ڪيو:


۽ انهن هيمان ۽ يدوتون وٽ تريون ۽ جهانجهہ هئا تہ اُهي زور سان وڄائين، ۽ سازن سان خدا جا گيت ڳائين: ۽ بني يدوتون دروازي وٽ رهن.


پهريون آسف، ۽ هن کانپوءِ زڪرياہ، ۽ يعي ايل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ متتياہ، ۽ الياب، ۽ بناياہ، ۽ عوبيد ادوم، ۽ يعي ايل اهي سڀ تنبورن ۽ بربطن لاءِ، ۽ آسف جهانجهہ زور سان وڄائڻ لاءِ؛


۽ چار هزار دربان هئا؛ ۽ چار هزار انهن سازن سان خداوند جي تعريف ڪندا هئا، جي دائود تعريف لاءِ ٺاهيا.


حبرونين مان يرياہ سردار، يعني حبرونين جي اباڻي گهراڻن جي نسب نامي موجب. دائود جي بادشاهت جي چاليهين ورهيہ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي ويئي، ۽ هو جلعاد جي يعزير وٽ زبردست بهادر مردن ۾ لڌا ويا.


۽ هن خداوند جي گهر ۾ لاوين کي جهانجهن سان، سنطورن سان ۽ بربطن سان دائود جي، ۽ بادشاهہ جي غيب دان جاد، ۽ ناتن نبيءَ جي حڪم موجب مقرر ڪيو: ڇالاءِ جو اهو حڪم خداوند جو سندس نبين جي معرفت مليل هو.


تنهن کانسواءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ اميرن، لاوين کي حڪم ڏنو تہ دائود جي، ۽ آسف غيب دان جي، لفظن ۾ خدا جي تعريف جا راڳ ڳائين. ۽ هنن خوشيءَ سان راڳ ڳايا ۽ هنن پنهنجا سر جهڪايا ۽ سجدو ڪيائون.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن قرنائن وڄائڻ وارا، ۽ ڳائڻ وارا، سڀ گڏجي هڪ ٿي خداوند جي شڪرگذاري ۽ تعريف ڪرڻ ۾ هڪڙو يڪو آواز ڪڍڻ لڳا؛ ۽ جڏهن هنن پنهنجو آواز قرنائن، ۽ جهانجهن، ۽ وڄائڻ جي سازن سان مٿي کنيو، ۽ خداوند جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اهو چڱو آهي: ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءَ واري آهي: تڏهن اهو گهر، يعني خداوند جو گهر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.


۽ ڪاهن پنهنجن عهدن موافق بيهي رهيا؛ لاوي بہ خداوند جي انهن وڄائڻ جي سازن سان بيهي رهيا، جي دائود بادشاهہ خداوند جي شڪر بجا آڻڻ لاءِ جوڙيا هئا، ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ دائود انهن جي وسيلي تعريف ادا ڪئي هئي: ۽ ڪاهنن انهن جي اڳيان قرنائون وڄايون، ۽ سڀ اسرائيل اُٿي بيهي رهيا.


۽ بني اسرائيل ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين، ۽ ٻين قيد مان آيل ماڻهن، خوشيءَ سان خدا جي گهر جو تصدق ڪيو.


۽ باقي اسرائيلي، ڪاهنن ۽ لاوين مان، يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ هئا، هرڪو پنهنجي پنهنجي موروثي حصي ۾.


۽ انهيءَ ڏينهن هنن وڏيون قربانيون چاڙهيون، ۽ خوشيون ڪيون، ڇالاءِ جو خدا هنن کي وڏي خوشي ڪرائي هئي؛ ۽ زالن ۽ ٻارن بہ خوشي ڪئي: جنهنڪري يروشلم جي خوشيءَ جو آواز پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


۽ جيڪي ماڻهو قيد مان وري نڪري آيا هئا، تن جي سڄي جماعت لانڍيون جوڙيون، ۽ انهن لانڍين ۾ رهڻ لڳا: ڇالاءِ جو يشوع بن نون جي ڏينهن کان وٺي انهيءَ ڏينهن تائين بني اسرائيل ائين نہ ڪيو هو. ۽ ڏاڍي خوشي ٿي.


ڀلي تہ اهي نچندي هن جي نالي جي تعريف ڪن: ۽ هن جي حضور ۾ دف ۽ بربط وڄائي تعريف ڳائين.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي تمجيد ڪندس؛ ڇالاءِ جو تو مونکي سرفراز ڪيو آهي، ۽ منهنجن دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏنو اٿيئي.


۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي جو تنهنجي ڳوٺ ۾ هجي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


پوءِ عملدار ماڻهن کي چون، تہ اوهان مان جنهن ماڻهوءَ نئين جاءِ جوڙائي هجي، ۽ انهيءَ کي مخصوص نہ ڪيو هجيس، سو پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان هو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ جاءِ کي مخصوص ڪري.


هميشہ خداوند ۾ خوش رهو، وري بہ ٿو چوان تہ خوش رهو.


۽ جڏهن هن ڪتاب ورتو، تڏهن اهي چار جاندار ۽ چوويهہ بزرگ انهي گهيٽي کي پيرين پيا، ۽ هرهڪ وٽ هڪڙو تنبورو، ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا هئا، جي پاڪ ٿيلن جون دعائون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ