Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 12:24 - Sindhi Bible

24 ۽ لاوين جا سردار هي هئا: حسبياہ، سيربياہ ۽ يشوع بن قدمي ايل سندن ڀائرن سميت، جي خداوند جي مرد دائود جي حڪم موجب، تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪ ٻئي جي سامهون مقرر هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 لاوين جا اڳواڻ حسبياہ، سيربياہ، يشوع، بنوي ۽ قدمي‌ايل هئا، جن جي اڳواڻيءَ هيٺ لاوي ٻن ٻن جي ٽولن ۾ خدا جي بندي دائود بادشاهہ جي ترڪيب موجب واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪٻئي جي سامهون ٿي بيهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 12:24
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُنهيءَ زال ايلياہ کي چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿي تہ تون خدا جو ٻانهو آهين، ۽ تنهنجي وات ۾ جو خدا جو ڪلام آهي سو سچو آهي.


۽ هن لاوين مان ڪن کي مقرر ڪيو تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان خدمت ڪن، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو ذڪر ۽ شڪر ۽ تعريف ڪن:


۽ پنهنجي پيءُ دائود جي حڪم موجب ڪاهنن جا حصا واري سان خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ لاوين کي پنهنجي فرضي ڪمن تي رکيائين تہ تعريف ڪن، ۽ ڪاهنن جي اڳيان خدمت چاڪري ڪن، جيئن ڪ روزمرہ جو دستور هو: دربانن کي بہ سڀني درن تي دستور موجب مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو خدا جي مرد دائود ائين حڪم ڪيو هو.


لاوي: بني يشوع ۽ قدي ايل، بني هوداوياہ وارا، چوهتر.


۽ متنياہ، بن ميڪا، بن زبدي، بن آسف، جو شڪرگذاريءَ جي عبادت شروع ڪرڻ وقت پيشوا هوندو هو، ۽ بقبوقياہ جو ان جي ڀائرن مان ٻيو هو؛ ۽ عبدا بن سموع، بن جلال، بن يدوتون.


لاويءَ جا پٽ، جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا، سي تواريخ جي ڪتاب ۾، يوحنان بن الياسب جي ڏينهن تائين لکيل هئا.


۽ ان جا ڀائر سمعياہ، ۽ عزرايل، مللي، جللي، ماعي، نتني ايل ۽ يهوداہ، ۽ حناني، خدا جي مرد دائود جي ڳائڻ وارن سازن سان؛ ۽ عزرا اُستاد انهن جي اڳيان هو:


۽ يشوع، ۽ باني، ۽ سربياہ، يامن، عقوب، سبتي، هودياہ، معسياہ، قليطا، عزرياہ، يوزبد، حنان، فلاياہ، ۽ لاوين بہ ماڻهن کي شريعت جي سمجهاڻي ڏني: ۽ ماڻهو پنهنجي جاءِ تي بيٺا هئا.


تنهن کانپوءِ يشوع، ۽ باني، قدمي ايل، سبنياہ، بني، سربياہ، باني، ۽ ڪنعاني، لاوين جي ڏاڪڻ تي اُٿي بيٺا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان وڏي سڏ دانهون ڪيائون.


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳي بني اسرائيل کي جيڪا برڪت ڏني سا هيءَ آهي.


پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.


انهي لاءِ تہ خدا جو بندو ڪامل ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم لاءِ پوريءَ طرح تيار رهي.


تنهن کان پوءِ بني يهوداہ جلجال ۾ يشوع وٽ آيا: ۽ ڪالب بن يفنہ قنزي هن کي چيو تہ توکي انهيءَ ڳالهہ جي خبر آهي، تہ خدا جي ٻانهي موسيٰ کي، قادس برنيع ۾، خداوند منهنجي ۽ تنهنجي نسبت ۾ ڇا فرمايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ