Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 11:30 - Sindhi Bible

30 زانواح، عدلام ۽ انهن جي ڳوٺن ۾، لڪيس ۽ ان جي ٻنين ۾، عزيقہ ۽ ان جي شهرن ۾. انهيءَ طرح هو بيرسبع کان وٺي، هنوم جي واديءَ تائين منزل ڪري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 زانوح، عدلام شهرَ ۽ انهن جي آس‌پاس وارا ڳوٺ، لڪيس شهر ۽ ان جي آس‌پاس واريون ٻنيون، عزيقہ شهر ۽ ان جا ڳوٺ. اهڙيءَ طرح هو بيرسبع کان وٺي هنوم جي ماٿريءَ تائين آباد هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 11:30
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ابرهام صبح جو سوير اُٿيو، ۽ ماني، ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪڙي مشق هاجرہ کي سندس ڪلهي تي رکي ڏنائين، ۽ ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيائينس. هو اتان نڪري بيرسبع جي رڻ پٽ ۾ رلندي رهي.


اسماعيل جا پٽ اهي هئا، ۽ انهن جي نالن موجب سندن ڳوٺن ۽ منزلگاهن جا نالا پيا؛ ۽ اهي ئي سندن قومن جا ٻارهن سردار هئا.


۽ توفت، جو بني هنوم جي واديءَ ۾ آهي، تنهن کي هن پليت ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا پنهنجي ڌيءَ کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان نہ لنگهائي.


۽ عين رمون ۾، ۽ صارعاہ ۾، يارموت ۾؛


بني بنيمين بہ جبع کان وٺي اڳتي، مڪماس، ۽ عياہ ۾، ۽ بيت ايل، ۽ ان جي شهرن ۾ رهڻ لڳا؛


واديءَ وارو دروازو، وري حنون ۽ زنواح جي رهاڪن مرمت ڪيو؛ هنن اُهو اڏي انهيءَ ۾ طاق ۽ تاڙيون، ۽ گز وڌا، ۽ ڀت جا هڪ هزار هٿ ڇيڻن واري دروازي تائين جوڙيائون.


تڏهن ربشاقي موٽي ويو، ۽ اسور جي بادشاهہ کي لبناہ سان وڙهندو ڏٺائين: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان هليو ويو آهي.


۽ بن هنوم جي وادي، جا ڪنڀارن جي دروازي جي لنگهہ وٽ آهي، تنهن ڏي نڪري وڃ، ۽ اُتي جيڪي ڳالهيون آءٌ توسان ڪريان سي تون پڌريون ڪر:


تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هن هنڌ کي وري توفت، يا بن هنوم جي وادي نہ سڏيندا، پر ڪوس جي وادي سڏيندا.


۽ هنن بعل جا اُهي مٿانهان مڪان جوڙيا، جي هنوم جي واديءَ ۾ آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن ڌيئن کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان لنگهائين؛ جنهن جي ڪرڻ لاءِ مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نڪي اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن، ۽ يهوداہ کان گناهہ ڪرائين.


اي مريسہ جا رهاڪو، آءٌ توتي قبضو ڪندڙ آڻيندس، جو تنهنجو مالڪ ٿيندو: اسرائيل جو جلال عدلام تائين بہ ايندو.


تنهنڪري يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق حبرون جي بادشاهہ هوهام کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ پيرام کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ يافيع کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير کي چوائي موڪليو تہ


لبناہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عدلام جو بادشاهہ، هڪڙو؛


پوءِ اُها سرحد هنوم جي پٽ جي واديءَ جي ڀرسان چڙهي يبوسين جي ڏکڻ پاسي تائين ويئي (۽ اهو آهي يروشلم): پوءِ اُها سرحد چڙهي جبل جي چوٽيءَ تائين ويئي، جو اُلهندي ڏانهن هنوم جي واديءَ جي سامهون بيٺل آهي، جا وادي اُتر ڏي رفائيم جي وادي جي پڇاڙيءَ وٽ آهي:


پوءِ اُها سرحد لهي اُنهيءَ جبل جي پڇاڙيءَ تائين آئي، جو هنوم جي پٽ واري واديءَ جي اڳيان آهي، ۽ جو اُتر ڏانهن رفائيم جي وادي ۾ آهي؛ پوءِ لهي هنوم جي واديءَ ڏانهن ويئي، جا ڏکڻ طرف يبوسين جي پاسي آهي، ۽ اُتان وري لهي عين راجل ڏانهن ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ