Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 11:17 - Sindhi Bible

17 ۽ متنياہ، بن ميڪا، بن زبدي، بن آسف، جو شڪرگذاريءَ جي عبادت شروع ڪرڻ وقت پيشوا هوندو هو، ۽ بقبوقياہ جو ان جي ڀائرن مان ٻيو هو؛ ۽ عبدا بن سموع، بن جلال، بن يدوتون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 متنياہ ولد ميڪا ولد زبدي جيڪو آسف جي اولاد مان هو ۽ متنياہ جيڪو شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ ڳائڻن جي اڳواڻي ڪندو هو، بقبوقياہ جيڪو پنهنجي ساٿين مان متنياہ کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو ۽ عبدا ولد سموع ولد جلال جيڪو يدوتون جي اولاد مان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 11:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مفيبوست کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ميڪا هو، ۽ جيڪي ماڻهو ضيبا جي گهر ۾ رهندا هئا سي مفيبوست جا نوڪر هئا.


۽ هن لاوين مان ڪن کي مقرر ڪيو تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان خدمت ڪن، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو ذڪر ۽ شڪر ۽ تعريف ڪن:


۽ انهن سان گڏ هيمان ۽ يدوتون ۽ باقي ٻيا چونڊيل هئا، جن جا نالا لکيل هئا، تہ اُهي بہ خداوند جي شڪرگذاري ڪن، ڇالاءِ جو هن جي رحمت دائمي آهي؛


۽ بقبقر، حرس، ۽ جلال، ۽ متنياہ بن ميڪاہ، بن زڪري، بن آسف؛


۽ سبتي ۽ يوزباد، اِهي لاوين جي سردارن مان هئا، جي خدا جي گهر جي ٻاهرين ڪم ڪار تي نظر ڪندا هئا؛


انهيءَ پاڪ شهر ۾، ڪل لاوي، ٻہ سؤ چوراسي هئا.


۽ لاوين جا سردار هي هئا: حسبياہ، سيربياہ ۽ يشوع بن قدمي ايل سندن ڀائرن سميت، جي خداوند جي مرد دائود جي حڪم موجب، تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪ ٻئي جي سامهون مقرر هئا.


متنياہ، بقبوقياہ، عبدياہ، مسلام، طلمون، عقوب، دربان هئا، جي دروازي وارن انبارخانن جي ڪوٺين تي پهرو ڏيندا هئا.


تنهن کان پوءِ مون يهوداہ جي اميرن کي ڀت تي آندو، ۽ ٻہ وڏيون ٽوليون مقرر ڪيم، جن شڪرگذاري ادا ڪئي، ۽ قطار ٻڌي جلوس ۾ هليا؛ انهن مان هڪڙي ٽولي ڀت تي سڄي هٿ پاسي ڇيڻن واري دروازي ڏانهن ويئي:


ڇالاءِ جو قديم زماني ۾، يعني دائود، ۽ آسف جي ڏينهن ۾، ڳائڻ وارن جو هڪڙو سردار هوندو هو، ۽ خدا جي تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جا راڳ ڳايا ويندا هئا.


ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو؛ پر جيڪو بہ عرض ڪريو، سو دعا ۽ منٿ سان شڪرگذاري سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ