Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 10:37 - Sindhi Bible

37 ۽ اسين پنهنجي ڳوهيل اٽي جي پهرين مُٺ، پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون، ۽ هر قسم جي وڻن جو ميوو، شراب ۽ تيل، ڪاهنن وٽ، پنهنجي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾ آڻينداسين؛ ۽ پنهنجي زمين جي پيدائش جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسين: ڇالاءِ جو اسانجن پوک وارن سڀني شهرن ۾ لاوي ڏهون حصو وٺندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 انهيءَ کان سواءِ اسين پنهنجي فصل مان پهرئين اٽي جو ڳوهيل چاڻو، پنهنجي وڻن جو پهريون ميوو ۽ پنهنجي تيار ڪيل پهرين مئي ۽ زيتون مان نڪتل پهريون تيل پنهنجي نذراني طور ڪاهنن وٽ پنهنجي خداوند جي هيڪل جي گدام ۾ رکڻ لاءِ آڻينداسون. اسين پنهنجي زمين جي پيداوار جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسون، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي اسان جي پوک وارين ٻنين جي پيداوار جو ڏهون حصو گڏ ڪندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 10:37
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، جي يهوداہ جي شهرن ۾ رهندا هئا، تن بہ ڏاندن ۽ رڍن جو ڏهون حصو آندو، ۽ جيڪي وقف ٿيل شيون خداوند سندن خدا جي لاءِ پاڪ ڪيون ويون هيون، سي بہ آڻي ڍڳ ڪيائون.


۽ مون کي معلوم ٿيو تہ لاوين جا حصا هنن کي نہ ڏنا ويا هئا؛ جنهنڪري سڀيئي لاوي ۽ ڳائڻ وارا، جي ڪم ڪندا هئا سي پنهنجين ٻنين ڏانهن ڀڄي ويا هئا.


پوءِ سڄي يهوداہ، اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جي ڏهاڪي خزانن ۾ آندي.


سندس لاءِ هڪڙي وڏي ڪوٺي تيار ڪئي هئي، جتي اڳي کاڌي جون قربانيون، لوبان ۽ باسڻ ۽ اَن جون ڏهاڪيون، شراب ۽ تيل، جو حڪم موجب لاوين ۽ ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبو هو، ۽ ڪاهنن جي لاءِ کڻڻ جون قربانيون، رکڻ ۾ اينديون هيون.


پوءِ منهنجي حڪم موجب هنن ڪوٺيون صاف ڪيون: ۽ اتي وري مون خدا جي گهر جا باسڻ، کاڌي جي قربانين ۽ لوبان سميت آڻي رکيا.


تڏهن جيڪو پهرين پيٽ مان نڪري، ۽ جانور جو بہ جيڪو پهريون ٻچو تو وٽ هجي، سو تون خداوند جي لاءِ ڌار ڪج: نر سڀ خداوند جا ٿيندا.


بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا ٻار، جي پهرين پيٽ مان نڪرن، سي منهنجي لاءِ مخصوص ڪر، ماڻهن جا پهريتا ٻار توڙي جانورن جا پهريتا ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.


اوهين پنهنجن گهرن مان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جون ٻہ مانيون لوڏڻ جي لاءِ آڻجو: اهي ميدي جون هجن، ۽ خمير گڏي پچائجن، تہ خداوند جي لاءِ پهرئين ڦر جي قرباني ٿئي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


ڪو ماڻهو خدا جي چوري ڪندو ڇا؟ تہ بہ اوهين منهنجي چوري ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي چوري ڪئي آهي؟ ڏهاڪيءَ ۽ نذرانن ۾.


سڀني جاندارن مان پيٽ جو پهريون ڦل، جنهن کي اهي خداوند جي لاءِ نذر ڪندا، سو تنهنجو ٿيندو، پوءِ اهو انسان جو هجي توڙي حيوان جو: پر تون انسان جي پهرين ڄاولن لاءِ عيوضو وٺي اُنهن کي ڇڏي ڏج، ۽ ناپاڪ حيوانن جي پهرين ڄاولن جو بہ تون عيوضو وٺج.


انهن جو گوشت تنهنجو ٿيندو، جهڙيءَ طرح لوڏيل سينو ۽ ساڄي ران تنهنجا آهن.


۽ ڏس، بني لاوي جيڪا خدمت ڪن ٿا، يعني جيڪا خدمت هو جماعت واري تنبوءَ جي ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون هنن کي اسرائيل ۾ سڀ ڪنهن شيءِ جو ڏهون حصو ورثي طور ڏنو آهي.


۽ جي نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ آهي، تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ آهي: ۽ جي پاڙ پاڪ آهي تہ ٽاريون بہ پاڪ آهن.


تون پنهنجي ٻج جي پيدائش منجهان، جا سال بسال تنهنجيءَ ٻنيءَ مان حاصل ٿي ٿئي، ڏهون حصو ضرور ڏيندو رهج.


تون پنهنجي ان مان، ۽ پنهنجي شراب مان، ۽ پنهنجي تيل مان پهريون ڦل، ۽ پنهنجين رڍن جي پهرين اُن، انهن کي ڏج.


تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهي هنڌ کڻي وڃج، جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ