Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 10:36 - Sindhi Bible

36 پنهنجن پٽن ۽ پنهنجي چوپائي مال مان پهريان ڄاول بہ، جيئن شريعت ۾ لکيل آهي، ۽ پنهنجن ڌڻن ۽ گلن جا پهريان ڄاول ڦر بہ، پنهنجي خدا جي گهر ۾، اُنهن ڪاهنن وٽ آڻيون، جي اسان جي خدا جي گهر ۾ خدمت ٿا ڪن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 جيئن شريعت ۾ لکيل آهي تيئن اسين پنهنجا پهريتا پٽ، پنهنجي چوپائي مال ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ خدمتگار ڪاهنن وٽ آڻينداسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 10:36
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جنهن وقت اهو ڪم جاري ٿيو، تنهن وقت بني اسرائيل، اَن ۽ شراب، ۽ تيل ۽ ماکي، ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيدائش مان پهريون ڦر گهڻي انداز ۾ آڻي ڏنو، ۽ سڀني شين جو ڏهون حصو هنن گهڻوئي آڻي حاضر ڪيو.


انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون.


سندس لاءِ هڪڙي وڏي ڪوٺي تيار ڪئي هئي، جتي اڳي کاڌي جون قربانيون، لوبان ۽ باسڻ ۽ اَن جون ڏهاڪيون، شراب ۽ تيل، جو حڪم موجب لاوين ۽ ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبو هو، ۽ ڪاهنن جي لاءِ کڻڻ جون قربانيون، رکڻ ۾ اينديون هيون.


بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا ٻار، جي پهرين پيٽ مان نڪرن، سي منهنجي لاءِ مخصوص ڪر، ماڻهن جا پهريتا ٻار توڙي جانورن جا پهريتا ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.


تون پنهنجي زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.


سڀ پهريتا منهنجا آهن، ۽ تنهنجي چوپائي مال، يعني ڏاندن ۽ رڍن جا پهريان ٻچا منهنجا آهن.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


ڇالاءِ جو سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن؛ جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن اسرائيل ۾ سڀ پهريتا، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا: اهي منهنجا ٿيندا؛ آءٌ خداوند آهيان.


پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري.


۽ اتي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، ۽ پنهنجا ڏهان حصا، ۽ پنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ پنهنجون مڃتائون، ۽ پنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ پنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا پيش ڪجو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ