Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 10:35 - Sindhi Bible

35 ۽ پنهنجيءَ زمين جي پهرين پيدائش، ۽ هر قسم جي وڻن جي ميون مان پهريان ميوا، سال بسال خداوند جي گهر ۾ آڻيون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 اسين پاڻ تي اها بہ ذميواري کڻون ٿا تہ اسين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار ۽ هر ميويدار وڻ جو پهريون ميوو سال بسال خداوند جي هيڪل ۾ آڻينداسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 10:35
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٺهرايل وقتن تي ڪاٺين جي نذراني، ۽ پهرين ڦر لاءِ بہ انهن کي مقرر ڪيم. اي منهنجا خدا، منهنجي يادگيري چڱائيءَ لاءِ ڪج.


تون پنهنجي زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.


تون پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.


۽ سڀ ڪنهن شيءِ جي پهرين ڦرن مان پهريان، ۽ اوهانجين سڀني قربانين مان سڀ ڪنهن شيءِ جي قرباني ڪاهنن جي ٿيندي: پنهنجو پهريون ڳوهيل اٽو بہ اوهين ڪاهنن کي ڏجو، تہ اوهان جي گهر تي برڪت اچي.


يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو هجيس؛ سا ذري پرزي موٽائي ڏئي، ۽ انهيءَ جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي: جنهن ڏينهن هو ڏوهاري ٺهرايو وڃي، انهي ڏينهن، جنهن ماڻهوءَ جي اها شيءِ هجي، تنهن کي موٽائي ڏئي.


۽ هو پنهنجي خطا جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب هجي، ۽ اهو خطا جي قرباني طور ڪاهن وٽ وٺي اچي:


سڀ کان چڱو تيل، ۽ سڀ کان چڱي مئي، ۽ سڀ کان چڱو اَن، يعني انهن جو پهريون ڦل، جو اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا، سو مون تو کي ڏنو آهي.


۽ تون لاويءَ جي قبيلي وارن پنهنجن ڀائرن کي، يعني پنهنجي پيءُ جي قبيلي کي بہ آڻي پاڻ سان گڏ ڪر، تہ اهي بہ تو سان شامل ٿين، ۽ تنهنجي خدمت ڪن؛ پر تون، ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ شاهديءَ واري تنبوءَ جي اڳيان حاضر رهو.


تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهي هنڌ کڻي وڃج، جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ