Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 10:34 - Sindhi Bible

34 ۽ اسان يعني ڪاهنن، لاوين، ۽ باقي قوم ڪُڻا وڌا، انهيءَ لاءِ تہ ڪاٺين جي قرباني، سال بسال ٺهرايل وقتن تي پنهنجن ابن جي گهراڻن موجب پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻيون، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي ساڙيون، جيئن شريعت ۾ لکيل آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 اسين سڀيئي ماڻهو، ڪاهنن ۽ لاوين سميت هر سال ڪُڻا وجھنداسون، تہ جيئن اهو طئي ڪريون تہ اسان جي گھراڻن مان ڪنهن کي هيڪل ۾ مقرر وقتن تي قربانين لاءِ ڪاٺيون آڻڻيون آهن تہ جيئن خداوند پنهنجي خدا جي قربان‌گاهہ تي شريعت جي لکيت مطابق ساڙيون وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 10:34
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح هو ڪڻا وجهي هڪ ٻئي جي آڏو ورهايا ويا؛ ڇالاءِ جو اليعزر ۽ اتمر جي پٽن مان ڪي سردار پاڪ جاءِ جا هئا، ۽ ڪي خدا جا.


۽ پهريون ڪڻو يهويريب جو نڪتو، ٻيو يدعياہ جو؛


۽ سليمان صور جي بادشاهہ حورام کي چوائي موڪليو تہ، جيئن تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو، ۽ سندس رهڻ جي لاءِ گهر جوڙڻ جي واسطي ديودار جو ڪاٺ موڪليو، تيئن مون سان بہ ڪر.


۽ تنهن کانپوءِ ساندهہ سوختنيون قربانيون ۽ نئين چنڊ جون قربانيون، ۽ اهي سڀ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جي پاڪ ڪيل هيون، ۽ جن خوشيءَ سان خداوند جي قرباني ڪرڻ ٿي گهري، تن جون قربانيون چاڙهيون.


۽ قوم جا امير يروشلم ۾ رهندا هئا: باقي ٻين ماڻهن بہ ڪُڻا وڌا تہ ڏهن ماڻهن مان هڪڙو يروشلم جي پاڪ شهر ۾ اچي رهي، ۽ نوَ حصا ٻين شهرن ۾.


۽ ٺهرايل وقتن تي ڪاٺين جي نذراني، ۽ پهرين ڦر لاءِ بہ انهن کي مقرر ڪيم. اي منهنجا خدا، منهنجي يادگيري چڱائيءَ لاءِ ڪج.


ڪڻي وجهڻ ڪري تڪرار بند ٿي وڃن ٿا، ۽ زور وارن جي وچ ۾ فيصلو ٿئي ٿو.


لبنان ٻارڻ جي لاءِ پورو نہ آهي، نڪي انهي جا جانور سوختني قربانيءَ لاءِ پورا آهن.


۽ تون ميدو کڻي، انهي مان ٻارنهن مانيون پچائج: هرهڪ مانيءَ ۾ هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو هجي.


۽ تون اهي خداوند جي حضور ۾ پاڪ ميز تي ٻن قطارن ۾ رکج، هرهڪ قطار ۾ ڇهہ مانيون.


بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چئُہ، تہ منهنجو نذرانو، يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا اوهين ياد ڪري ٺهرايل وقت تي منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو.


پوءِ انهن جي لاءِ پُکا وڌائون؛ ۽ پُکو متياهہ جي نالي نڪتو؛ تڏهن اهو انهن يارهن رسولن ۾ شامل ٿيو.


۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ