نحمياہ 10:28 - Sindhi Bible28 ۽ باقي ٻيا ماڻهو، ڪاهن، لاوي، دربان، ڳائڻ وارا، نتينيم، ۽ اُهي سڀ جن پاڻ کي خدا جي شريعت لاءِ اُنهن ملڪن جي قومن کان ڌار ڪيو هو، سندن زالون، سندن پٽ ۽ سندن ڌيئرون، اُهي سڀ جن کي عقل ۽ علم هو؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible28-29 اسين سڀيئي ماڻهو، ڪاهن، لاوي، هيڪل جا دربان، ڳائڻا ۽ خدمتگار ۽ اُهي سڀ ماڻهو جن خدا جي شريعت خاطر پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين قومن کان پاڻ کي ڌار ڪيو آهي، اسان جون زالون، پٽ، ڌيئرون، پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿي پنهنجي عقل ۽ هوش حواس سان قسم تي چئون ٿا ۽ لکي ٿا ڏيون ۽ جيڪڏهن انهيءَ اقرار جي ڀڃڪڙي ڪريون تہ اسان تي لعنت هجي. ”اسين خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جيڪا خدا جي ٻانهي موسيٰ جي معرفت ڏني ويئي آهي. اسين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي مڃينداسون ۽ انهن تي عمل ڪنداسون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |