Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 1:7 - Sindhi Bible

7 اسان تنهنجي برخلاف تمام خراب هلت ڪئي آهي، ۽ جيڪي حڪم، ۽ قاعدا، ۽ فيصلا، تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي ڏنا هئا، سي بجاءِ نہ آندا اٿئون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اسان تنهنجي خلاف ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي ۽ جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت ڏنا هئا تن جي بجاآوري نہ ڪئي اٿئون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 1:7
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ڪج، ۽ انهيءَ جي رستن تي هلج، ۽ سندس قانونن، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس فيصلن، ۽ سندس شاهدين تي سنڀالي عمل ڪج، جيئن ڪ موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ پوءِ جيڪي بہ تون ڪرين تنهن ۾، ۽ جيڏانهن بہ تون مهاڙ ڪرين تيڏانهن ڪاميابي حاصل ڪرين:


پر انهن جي اولاد کي نہ مارايو، ۽ جيئن موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تيئن ڪيائين، يعني جيئن خداوند فرمايو آهي تہ پيءُ پنهنجي اولاد جي بدران نہ مرندو، نڪي اولاد پنهنجي پيءُ جي بدران مرندو؛ پر سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي ئي گناهہ ڪري مرندو.


۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جهڙا ڪ سندس پيءُ عزياہ جا سڀ ڪم هئا: انهيءَ هوندي بہ هو خداوند جي هيڪل ۾ نہ گهڙيو. ۽ سڀ ماڻهو اڃا بہ بڇڙا ڪم پيا ڪندا هئا.


اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو.


اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا آهن، اسان خطا ڪئي آهي، ۽ بڇڙائي ڪئي اٿئون.


جيڪڏهن اهي منهنجا قانون ڀڃندا، ۽ منهنجن حڪمن کي نہ مڃيندا؛


تہ پوءِ آءٌ انهن کي سندن ڏوهن جي سببان لٺ سان، ۽ سندن خطا جي لاءِ چهبڪن سان سزا ڏيندس.


افسوس، گنهگار اُمت، خطائن ڀريل قوم، بدڪارن جو نسل، خراب ڪم ڪندڙ اولاد: هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، اسرائيل جي قدوس کي حقير ڄاتو اٿن، هو ڇڄي ڌار ٿيا آهن، ۽ پٺ تي هليا ويا آهن.


هائو، اسرائيل تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي، ۽ ڦري ٻئي پاسي ويا آهن، انهي لاءِ تہ تنهنجي حڪم عدولي ڪن؛ تنهنڪري اسان تي اُهو قسم، جو خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي ۽ اُها لعنت نازل ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو اسان هن جو گناهہ ڪيو آهي.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تيئن ئي هيءَ سڀ خرابي اسان تي آئي آهي؛ انهي هوندي بہ اسان منٿ ڪري خداوند پنهنجي خدا جو فضل نہ گهريو آهي، تہ پنهنجين بدڪارين کان باز اچون، ۽ هن جي سچ جي سمجهہ رکون.


هنن پاڻ کي تمام گهڻو خراب ڪيو آهي، جيئن جبعہ جي ڏينهن ۾ ڪيو هئائون: هو هنن جون بدڪاريون ياد ڪندو، هو هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.


اهي آهن حڪم، جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ سينا جبل تي موسيٰ کي ڏنا.


مون چيو تہ يقيناً تون مون کان ڊڄندين، تون سيکت قبول ڪندين؛ تہ من تنهنجي رهڻ جي جڳهہ ڊاهي نہ وڃي، جيئن سندس لاءِ مون حڪم ڪيو هو: پر هو سوير ئي اُٿيا ۽ پنهنجا سڀ بڇڙا ڪم ڪيائون.


اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت، يعني اُهي حڪم ۽ فيصلا جي مون هن کي حورب ۾ اسرائيل جي لاءِ ڏنا، تن کي ياد رکو.


هاڻي اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو، سي چڱيءَ طرح ٻڌي، انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، انهي ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.


ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو.


هاڻي اهي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا هي آهن، جن جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي سيکارڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو:


ڇالاءِ جو هن جا فيصلا سچا ۽ درست آهن! ۽ جنهن وڏيءَ ڪسبياڻيءَ پنهنجي زناڪاريءَ سان زمين کي خراب ڪري ڇڏيو، تنهن جو هن انصاف ڪيو، ۽ کانئس پنهنجن بندن جي خون جو بدلو ورتو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ