Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 1:5 - Sindhi Bible

5 ۽ مون چيو تہ اي خداوند، آسمان جا خدا، عظيم ۽ هيبت وارا خدا، تون جو انهن سان عهد پورو ڪرين ٿو، ۽ انهن تي رحم ڪرين ٿو، جي تو سان محبت ٿا رکن، ۽ تنهنجا حڪم بجاءِ ٿا آڻين، سو تون منهنجو عرض ٻڌ:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ”اي خداوند خدا! عظيم ۽ هيبت وارا خدا! تون انهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو ڪرين، جيڪي تو سان محبت ٿا ڪن ۽ تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 1:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ اي خداوند، اي اسرائيل جا خدا، مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي تو جهڙو ٻيو ڪو خدا ڪونهي، تون پنهنجن انهن ٻانهن سان عهد اقرار ۽ رحم قائم رکين ٿو، جي پنهنجي ساريءَ دل سان تنهنجي اڳيان هلن ٿا:


۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، تہ تون پنهنجيءَ قوم جي سامهون، جنهن کي تو مصر مان ڇڏايو، غير قومن کي پري ڪري، وڏن ۽ خوفناڪ ڪمن سان پنهنجو نالو ڪڍين؟


فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.


تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ تڏهن مون آسمان جي خدا کان دعا گهري.


۽ آءٌ نهاري نهاري اُٿيس، ۽ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ باقي ٻيءَ خلق کي چيم تہ هنن کان نہ ڊڄو: خداوند کي ياد ڪريو، جو وڏو ۽ هيبت وارو آهي، ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، ۽ ڌيئرن، ۽ زالن، ۽ پنهنجن گهرن لاءِ وڙهو.


۽ هنن پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي تہ اچي يروشلم سان وڙهن، ۽ ان ۾ گڙٻڙ وجهن.


تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.


ڇالاءِ جو خداوند تعاليٰ هيبتناڪ آهي؛ هو ساري زمين جو شهنشاهہ آهي.


تو آسمان مان پنهنجي فتويٰ ڏني؛ تہ زمين ڊڄي ويئي، ۽ ماٺ ڪري بيٺي.


ڇالاءِ جو مون چيو تہ رحم هميشہ تائين هلندو رهندو؛ ۽ تون پنهنجي وفاداري آسمانن ۾ بہ قائم ڪندين.


مون پنهنجي چونڊيلن سان عهد ڪيو آهي، ۽ پنهنجي بندي دائود سان قسم کنيو اٿم.


اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اي يهوواہ، تو جهڙو قادر خداوند ڪير آهي؟


پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا آهن اُنهن هزارن تي رحم ڪندو آهيان.


۽ هيئن ٿيندو تہ، جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند تنهنجو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ رحم توسان قائم رکندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو:


تون انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، هو عظيم ۽ خوفناڪ آهي.


تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا اهو ئي خدا آهي؛ هو سچو خدا آهي، ۽ جيڪي کيس پيار ٿا ڪن، ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزار پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم ٿو رکي؛ ۽ مٿن رحم ٿو ڪري،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ