Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 1:4 - Sindhi Bible

4 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن ويهي روئڻ لڳس، ۽ ڪي ڏينهن پئي ماتم ڪيم، ۽ آسمان جي خدا جي اڳيان دعا گهريم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ويهي روئڻ لڳس. ڪيترائي ڏينهن آءٌ روئندو رڙندو رهيس ۽ ڪجھہ بہ کاڌم پيتم ڪونہ. مون خداوند، عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 1:4
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري دائود انهيءَ ٻار جي لاءِ خدا کي عرض ڪيو؛ ۽ دائود روزو رکيو، ۽ اندر وڃي سڄي رات زمين تي سمهي رهيو.


تنهنجي دل نرم هئي، ۽ هن هنڌ بابت، ۽ اُتي جي رهندڙن بابت، مون جو چيو هو تہ اُهو ويران ٿيندو ۽ اُهي لعنتي ٿيندا، سو جڏهن تو ٻڌو تڏهن تو خداوند جي اڳيان نيزاري ڪئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي دانهن ٻڌي آهي.


(ڇالاءِ جو سليمان هڪڙو پتل جو منبر، پنج هٿ ڊگهو، ۽ پنج هٿ ويڪرو، ۽ ٽي هٿ اوچو، جوڙيو هو، ۽ اُهو ايوان جي وچ ۾ رکيو هئائين؛ ۽ انهيءَ تي هو اُٿي بيٺو ۽ اسرائيل جي ساريءَ جماعت جي اڳيان هن گوڏا کوڙيا ۽ پنهنجا هٿ آسمان ڏانهن کنيائين)


فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.


هاڻي جيستائين عزرا خدا جي گهر اڳيان اونڌو ٿي روئي دعا پئي گهري، ۽ گناهہ پئي قبول ڪيائين، ايتري ۾ هن وٽ اسرائيل جي مردن ۽ زالن ۽ ٻارن جي هڪڙي جماعت اچي گڏ ٿي: ڇالاءِ جو ماڻهن ڏاڍو رُنو.


۽ جڏهن مون اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن مون پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجي قبا ڦاڙي، ۽ پنهنجي مٿي ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار نوچيا، ۽ حيران ٿي ويهي رهيس.


۽ شام جي قربانيءَ وقت، آءٌ پنهنجي شرمندگيءَ ۾، ڦاٽل ڪپڙن ۽ قبا سميت اُٿيس، ۽ گوڏن ڀر ڪِري، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان هٿ ڊگهيريم؛


تڏهن مون هنن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ آسمان جو خدا اسان کي ڪامياب ڪندو؛ تنهنڪري اسين سندس ٻانها اُٿي اڏينداسين: پر اوهان جو يروشلم ۾ نڪو حصو آهي، نہ حق، نہ يادگار.


تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ تڏهن مون آسمان جي خدا کان دعا گهري.


تنهن ڪري قومون خداوند جي نالي کان ڊڄنديون، ۽ زمين جا سڀ بادشاهہ تنهنجي جلال کان ڊڄندا رهندا:


آسمان جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


اسان بابل جي ندين جي ڪپ تي ويهي، صيون کي ياد ڪري رُنو.


انهن ڏينهن ۾ مون داني ايل پورا ٽي هفتا ماتم پئي ڪيو.


انهي لاءِ تہ هو اُنهي ڳجهہ لاءِ آسمان جي خدا کان رحمت جو سوال ڪن؛ تہ داني ايل ۽ سندس سنگتي بابل جي ٻين ڏاهن ماڻهن سان گڏ ناس نہ ٿين.


۽ مون پنهنجو منهن خداوند ڏانهن ڪيو، انهي لاءِ تہ دعا گهرڻ ۽ عرض ڪرڻ سان، روزن رکڻ ۽ کٿي ڍڪڻ ۽ خاڪ وجهڻ سان سوال ڪريان.


۽ هن انهن کي چيو تہ آءٌ عبراني آهيان، ۽ آءٌ خداوند آسمان جي خدا کان ڊڄان ٿو، جنهن سمنڊ ۽ سُڪي زمين پيدا ڪئي آهي.


آءٌ انهن تنهنجن ماڻهن کي، جن عيدن لاءِ ماتم ٿي ڪيو ۽ جن بدنامي سَٺي آهي، تن کي گڏ ڪندس.


جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ