Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 1:10 - Sindhi Bible

10 هاڻي اهي تنهنجا ٻانها، ۽ تنهنجي قوم آهن، جن کي تو پنهنجي وڏي طاقت، ۽ پنهنجي مضبوط هٿ سان ڇڏايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو، اي خداوند! اهي تنهنجا ٻانها ۽ تنهنجي ئي قوم آهن، جن کي تو پنهنجي وڏي طاقت ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان ڇڏايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 1:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، پنهنجي زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


پنهنجيءَ جماعت کي ياد ڪر، جنهن کي تو قديم زماني کان خريد ڪيو آهي، جنهن کي تو ميراث جو قبيلو ٿيڻ لاءِ ڇڏايو آهي؛ ۽ صيون جبل کي ياد ڪر جنهن تي رهندو هئين.


تنهنجو تخت سچائيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي: رحم ۽ سچ تنهنجي اڳيان ٿا هلن.


۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.


۽ اها تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين جي اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي هٿ جي زور سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


جن ماڻهن کي تو ڇڏايو، تن جي تو پنهنجيءَ رحمت سان رهبري ڪئي: تو انهن کي پنهنجيءَ طاقت سان پنهنجي پاڪ مڪان تائين پهچايو آهي.


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟


تڏهن خداوند، موسيٰ کي چيو تہ هاڻي تون ڏسج تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان؛ ڇالاءِ تہ زوراور هٿ سان هو انهن کي وڃڻ ڏيندو، ۽ زوراور هٿ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍندو.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو.


اي خداوند تون نهايت گهڻو نہ ڪاوڙج، ۽ اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد نہ ڪر: نهار، ڏس، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين تنهنجي اُمت آهيون.


۽ تون ياد رکج تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي ڇڏايو: تنهنڪري آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي هي حڪم ٿو ڏيان.


نيٺ بہ اهي تنهنجي اُمت ۽ تنهنجي ميراث آهن، جن کي تو پنهنجيءَ وڏي قدرت سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان ڪڍي آندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ