Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ناحوم 1:9 - Sindhi Bible

9 اوهين خداوند جي برخلاف ڪهڙا خيال ٿا ڪريو؟ هو بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندو، اهڙو جو وري مصيبت نہ اُٿندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اي نينواہ وارؤ! توهين خداوند خلاف ڪهڙا بہ کڻي منصوبا رٿيو، پر هو توهان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏيندو، جو وري اوهان ڪر کڻي نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ناحوم 1:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند قومن جي صلاح کي باطل ٿو ڪري: ۽ ماڻهن جون رِٿون بي اثر ڪري ٿو.


ڇالاءِ جو اُنهن تنهنجي برخلاف برائي جو ارادو ڪيو: ۽ تجويز رٿيائون جا اُهي پوري ڪري نہ سگهيا.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


يعني بيهودا خيال، ۽ ٻي سڀڪا اوچي شئي جا علم الاهي جي برخلاف سر ٿي کڻي، تنهن کي ڊاهي ٿا ڇڏيون، ۽ سڀ ڪنهن خيال کي قيد ڪري مسيح جو تابعدار ٿا ڪريون؛


تو مان هڪڙو نڪتو آهي، جنهن خداوند جي برخلاف برو منصوبو ٻڌو آهي، ۽ شرارت جي رٿ ڪئي اٿس.


تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ هن کي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان ماري زمين ۾ ونڌي وجهان، ۽ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.


انهي ڏينهن جيڪي عيليءَ جي گهراڻي جي نسبت ۾ مون چيو آهي سو شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين انهي جي برخلاف پورو ڪندس.


پر جيڪا ترار يوآب کي هٿ ۾ هئي تنهن تي عماسا ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو: تنهنڪري هن اها سندس پيٽ ۾ لنگهائي وڌي، ۽ انهيءَ جا آنڊا ڪڍي زمين تي ڪيرائي وڌائين، ۽ وري ٻيو ڌڪ نہ هنيائينس؛ ۽ هو مري ويو. پوءِ يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشيءَ، سبع بن بڪريءَ جي پٺيان پيا.


تنهن ڪري هاڻي اوهين ٺٺولي نہ ڪريو، متان اوهان جا بند مضبوط ڪيا وڃن؛ ڇالاءِ جو مون خداوند، لشڪرن جي خداوند کان ٻڌو آهي، تہ هن ساري ملڪ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.


۽ چئجانءِ تہ بابل بہ هيئن ٻڏي ويندو، ۽ وري نہ نڪرندو، ڇالاءِ جو آءٌ انهي تي خرابي آڻيندس: ۽ هو ٿڪجي پوندا. ايستائين يرمياہ جون ڳالهيون آهن.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ خرابي، بي مثل خرابي، ڏس اُها اچي ٿي.


۽ سڀ انسان ڄاڻندا تہ مون خداوند پنهنجي ترار کپ مان ڪڍي آهي؛ اُها وري نہ موٽندي.


جيتوڻيڪ مون هنن کي تعليم ڏني آهي، ۽ هنن جي ٻانهن کي زور وٺايو اٿم، تہ بہ اُهي منهنجي برخلاف حرڪت ڪرڻ جو خيال ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ