Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:47 - Sindhi Bible

47 ۽ جيڪڏهن تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ ڪڍي ڇڏينس: بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهت ۾ گهڙين؛ انهي کان تہ ٻن اکين سان جهنم ۾ وڃي پوين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

47 ساڳيءَ طرح جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي ڀَٽڪائي تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان نرڳ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي گمراهہ ڪري تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان دوزخ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

47 جيڪڏھن تنھنجي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا اک ڪڍي ڇڏ، ڇوتہ ٻن اکين سان جھنم ۾ وڃڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:47
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.


مون پنهنجن اکين سان عهد اقرار ڪيو؛ تڏهن ڪيئن آءٌ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ ڏي نهاريان؟


منهنجين اکين کي اجاين شين تان ڦيراءِ؛ ۽ مون کي پنهنجيءَ واٽ ۾ جيار.


۽ جي تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ اُها پاڻ وٽان ڪڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن اکين سان جهنم جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ڪاڻو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو.


۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ توکي ڀُلائي، تہ وڍي ڇڏينس: تنهنجي لاءِ ٽُنڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ، انهي کان بهتر آهي تہ ٻن هٿن سان جهنم جي اڻ وسامندڙ باهہ ۾ پوين؛


(جتي هنن جو ڪينئون مري ئي نٿو ۽ جتي باهہ وسامي ئي نٿي.)


جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچي، ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ ماءُ، ۽ زال، ۽ ٻارن، ۽ ڀائرن، ۽ ڀينرن، بلڪ پنهنجي جان کي بہ نہ ڌڪاري، تہ اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو تہ خدا جي بادشاهت ڏسي ڪين سگهندو.


يسوع جواب ڏنس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو پاڻيءَ ۽ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تہ خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿي ڪين سگهندو.


تڏهن اُها اوهان جي خوشحالي ڪاڏي ويئي؟ ڇالاءِ جو آئون اوهان جو شاهد آهيان تہ جي ائين ٿي سگهي ها تہ جيڪر اوهين پنهنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ها.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ