Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:32 - Sindhi Bible

32 پر هن جو اهو چوڻ هنن کي سمجهہ ۾ ئي نٿي آيو، ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 پر اهي يسوع جي انهيءَ ڳالهہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 پر اهي عيسيٰ جي انهيءَ ڳالهہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 پر اھي مسيح جي انھيءَ ڳالھہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهي کانپوءِ جڏهن هنن گڏجي ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هن انهن يارهن کي بہ ڏيکاري ڏني، ۽ سندن بي اعتقاديءَ ۽ سخت دليءَ جو طعنو هنيائين، ڇالاءِ جو جن هن کي جي اُٿڻ کانپوءِ ڏٺو هو، تن تي هنن اعتبار نہ ڪيو هو.


تنهن تي هنن کي چيائين، تہ اوهين بہ اهڙا بي سمجهہ آهيو ڇا؟ ايتري بہ خبر نٿي پويوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو، سو هن کي پليت ڪري نٿو سگهي.


پر هن ڦري پنهنجن شاگردن ڏانهن نگاهہ ڪري پطرس کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: ڇالاءِ تہ توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جي ڳالهين جو فڪر اٿيئي.


هنن اها ڳالهہ دل تي رکي ڇڏي، ۽ پاڻ ۾ پئي بحث ڪيائون تہ مئلن مان جي اُٿڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟


پر هنن کي انهن ڳالهين مان ڪابہ سمجهہ ۾ ڪين آئي، ۽ اها ڳالهہ کانئن ڳجهي رهي، ۽ جيڪي ڳالهيون چيون ويون، تن جي کين پروڙ ئي ڪانہ پيئي.


پر اها ڳالهہ جا کين چيائين سا هنن کي سمجهہ ۾ نہ آئي.


پوءِ هنن جو ذهن کوليائين، تہ پاڪ لکيتن جي سمجهہ پوينِ.


پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجهي، ۽ اُها کانئن ڳجهي رهي، انهي لاءِ تہ اُها نہ سمجهن: ۽ اُنهي بابت کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.


سندس شاگردن کي پهريائين اهي ڳالهيون سمجهڻ ۾ ڪين ٿي آيون: پر جڏهن يسوع پنهنجي جلال کي رسيو، تڏهن اُنهن کي ياد آيو تہ اهي ڳالهيون هن بابت لکيل آهن، ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس ڪيو.


يسوع سهي ڪيو تہ هنن جي مرضي آهي تہ مون کان پڇن، تنهنڪري چيائين، تہ اوهين هن بابت ٿا پاڻ ۾ پڇو، جو مون چيو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا؟


ايتري ۾ سندس شاگرد آيا؛ ۽ عجب ۾ پيا تہ هو زال ذات سان ويٺو ڳالهائي؛ تہ بہ ڪنهن نہ چيو تہ توکي ڇا گهرجي؟ يا تون هن سان ڇو ٿو ڳالهائين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ