Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:22 - Sindhi Bible

22 ۽ گهڻيئي ڀيرا ڀوت هن کي ماري وجهڻ لاءِ باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اُڇلائي وڌو آهي: پر جي تون ڪجهہ ڪري سگهين تہ اسان تي رحم ڪري اسان جي مدد ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آهي، ڇو تہ ڪيترائي دفعا کيس باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. هاڻي جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا تہ اسان تي ترس کائي اسان جي مدد ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آهي، ڇو تہ ڪيترائي دفعا کيس باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. هاڻي جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا تہ اسان تي ترس کائي اسان جي مدد ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آھي، ڇوتہ ڪيترا ئي دفعا کيس باھہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. ھاڻي اسان تي ڪو رحم ڪريو ۽ اسان جي مدد ڪريو جيڪڏھن اوھين ڪري سگھو ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:22
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يڪدم يسوع هٿ ڊگهيري جهلي ورتس، ۽ چيائينس تہ اي ڪم اعتقاد، تو شڪ ڇو ڪيو؟


اي خداوند، منهنجي پٽ تي رحم ڪر، جو هن کي مرگهيءَ جي بيماري آهي ۽ ڏاڍو هلاک آهي، ڇالاءِ جو بعضي هو باهہ ۾ ڪِريو پوي، ۽ بعضي پاڻيءَ ۾؛


۽ يسوع کي رحم آيو ۽ هنن جي اکين کي هٿ لاتائين: تہ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳا، ۽ اُٿي سندس پٺيان هليا.


۽ ڏسو، هڪڙو ڪوڙهيو وٽس آيو ۽ کيس سجدو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي خداوند، جي تنهنجي مرضي هجي تہ تون مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين.


پوءِ جڏهن هو گهر ۾ آيو، تڏهن اُهي انڌا وٽس آيا: ۽ يسوع چين تہ اوهان جو ايمان آهي تہ هي آئون ڪري سگهندس؟ هنن چيس تہ هائو خداوند.


پر هن موڪل نہ ڏنس، ۽ چيائينس تہ پنهنجي گهر وڃي پنهنجن عزيزن کي ٻڌاءِ تہ خداوند توسان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي آهي، ۽ توتي ڪيترو نہ رحم ڪيو اٿس.


۽ پڻس کان پڇيائين تہ ڪيترن ڏينهن کان هن جو هي حال آهي؟ هن چيو تہ ننڍي هوندي کان وٺي.


يسوع هن کي چيو تہ ”جي تون ڪجهہ ڪري سگهين“! جيڪو ايمان ٿو آڻي، تنهن لاءِ سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.


۽ جڏهن خداوند هن کي ڏٺو، تڏهن مٿس ڪهل آيس ۽ چيائينس تہ روءُ نہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ