Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:21 - Sindhi Bible

21 ۽ پڻس کان پڇيائين تہ ڪيترن ڏينهن کان هن جو هي حال آهي؟ هن چيو تہ ننڍي هوندي کان وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 يسوع ڇوڪري جي پتا کان پڇيو تہ ”ڪيتري عرصي کان هن جو هي حال آهي؟“ هُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي هوندي کان وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 عيسيٰ ڇوڪري جي پيءُ کان پڇيو تہ ”ڪيتري عرصي کان هن جو هي حال آهي؟“ هُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي هوندي کان وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 عيسيٰ پڻس کان پڇيو تہ ”ڪيترن ڏينھن کان ھن جو ھي حال آھي؟“ ھُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي ھوندي کان ئي وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:21
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انسان جو زال جي پيٽ مان ڄمي ٿو ٿورن ڏينهن لاءِ آهي ۽ تڪليف سان ڀريو پيو آهي.


پر ماڻهو تڪليف جي لاءِ ڄائو آهي، جيئن ڪي چڻنگون مٿي اُڏامنديون آهن.


ڏس بڇڙائيءَ ۾ مون کي صورت ملي، ۽ گناهہ ۾ آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي پيٽ ۾ ٿيس.


۽ هڪڙي زال جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت وهندو هو،


۽ هو اُنهي کي وٽس وٺي آيا، ۽ جڏهن کيس هن ڏٺو، تڏهن يڪدم ڀوت هن کي ڏاڍو ولوڙيو، ۽ هو زمين تي ڪِري پيو، ۽ گجي ڪڍي ليٿڙڻ لڳو.


۽ گهڻيئي ڀيرا ڀوت هن کي ماري وجهڻ لاءِ باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اُڇلائي وڌو آهي: پر جي تون ڪجهہ ڪري سگهين تہ اسان تي رحم ڪري اسان جي مدد ڪر.


تڏهن هيءَ زال جا ابراهيم جي ڌيءَ آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻَڌي قابو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن اُنهي بند کان ڇڏائڻ روا نہ هو ڇا؟


۽ اُتي هڪڙي زال هئي، جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت پوندو هو، ۽ جنهن پنهنجي سڄي موڙي طبيبن پٺيان وڃائي هئي، پر ڪوبہ ڇُٽائي نہ سگهيو هوس،


۽ جيئن واٽ وٺي پئي ويو تہ هڪڙي ماڻهوءَ کي ڏٺائين، جو ڄائي ڄم کان انڌو هو.


۽ لسترہ ۾ هڪڙو ماڻهو ويٺو هوندو هو، جو پيرن کان جڏو ۽ ڄائي ڄم کان منڊو هو، ۽ ڪڏهن بہ پنڌ نہ ڪيو هئائين.


۽ هڪڙو ماڻهو جو ڄائي ڄم کان منڊو هو، تنهن کي ڏهاڙي هيڪل جي اندر در وٽ، جو سهڻو ڪري سڏبو هو، آڻي رکندا هئا؛ انهي لاءِ تہ جيڪي هيڪل ۾ اچن، تن کان خيرات گهُري.


ڇالاءِ تہ جو ماڻهو هن معجزي ڪري چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن ورهين کان بہ مٿي هئي.


اتي هن هڪڙو ماڻهو اينياس نالي ڏٺو، جو اٺن ورهين کان کٽولي تي پيو هو، جو هن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ