Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:20 - Sindhi Bible

20 ۽ هو اُنهي کي وٽس وٺي آيا، ۽ جڏهن کيس هن ڏٺو، تڏهن يڪدم ڀوت هن کي ڏاڍو ولوڙيو، ۽ هو زمين تي ڪِري پيو، ۽ گجي ڪڍي ليٿڙڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 انهن ڇوڪري کي وٽس آندو. يسوع کي ڏسندي ئي ڀوت ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گِگَ پئي وهيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 انهن ڇوڪري کي وٽس آندو. عيسيٰ کي ڏسندي ئي ڀوت ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گِگَ پئي وهيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 انھن ڇوڪري کي وٽس آندو. جڏھن ڀوت عيسيٰ کي ڏٺو، تڏھن ھن ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گڦ پئي وھيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اهو ڀوت هن کي پتوڙي، ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪري هن مان نڪري آيو.


۽ جتي جتي اُهو جهليس ٿو، اُتي کنيو پٽ سان هڻيس، ۽ هو گجي پيو ڪڍي، ۽ ڏند پيو ڪرٽي، ۽ ڳريو سڙيو پيو وڃي: مون تنهنجن شاگردن کي چيو تہ هن مان اُهو ڪڍو؛ پر هو ڪڍي نہ سگهيا.


هن انهن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بي اعتقاد قوم، ڪيستائين آئون اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ مون وٽ وٺي اچوس.


۽ پڻس کان پڇيائين تہ ڪيترن ڏينهن کان هن جو هي حال آهي؟ هن چيو تہ ننڍي هوندي کان وٺي.


تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري هن کي ڏاڍو ولوڙي نڪري ويو: ۽ ڇوڪر مردي جهڙو ٿي پيو، اهڙو جو گهڻن چيو تہ هي مري ويو آهي.


پوءِ يسوع دڙڪو ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر، ۽ هن مان نڪري اچ. تنهن تي ڀوت هن کي وچ ۾ ڪيرائي ڪنهن بہ ايذاءُ رسائڻ کانسواءِ منجهانئس نڪري آيو.


ڇوتہ هن انهي ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ: ڇالاءِ جو اڪثر اُهو ڀوت اُنهي کي اچي جهليندو هو، ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ نيئرن سان ٻَڌي قابو رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ڀڃي وجهندو هو، ۽ ڀوت کيس رڻ پٽ ۾ ڪاهي ويندو هو.


۽ ڏسو، هڪڙو ڀوت اچي ٿو وٺيس، ۽ هو اوچتو رڙيون وٺيو ڪري، ۽ اهڙو ٿو ولوڙيس جو گجي پئي نڪريس؛ ۽ چچريو ڇڏيس، ۽ مس مس ٿو منجهانئس نڪري.


۽ اڃا هو آيو پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو ولوڙيائينس. پر يسوع ڀوت کي جهڻڪيو، ۽ ڇوڪر کي چڱو ڀلو ڪري پڻس جي حوالي ڪيائين.


اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.


هوشيار ٿيو، سجاڳ رهو؛ اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن پيو گهُمي ۽ وجهہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي ڦاڙي کائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ