Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:19 - Sindhi Bible

19 هن انهن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بي اعتقاد قوم، ڪيستائين آئون اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ مون وٽ وٺي اچوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 يسوع چين تہ ”اي بي‌وشواس قوم! آءٌ اوهان سان ڪيستائين هوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ هاڻي ڇوڪري کي مون وٽ آڻيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 عيسيٰ چين تہ ”اي بي‌يقين قوم! آءٌ اوهان سان ڪيستائين هوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ هاڻي ڇوڪري کي مون وٽ آڻيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين قوم! آءٌ اوھان سان ڪيستائين ھوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوھان جا ڏک سھندس؟ ھاڻي ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو انهن خدا تي ايمان نہ آندو، ۽ هن جي نجات تي ڀروسو نہ رکيائون.


۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي تحقير ڪندا؟ ۽ جيڪي هيتريون نشانيون مون هنن کي ڏيکاريون آهن، تن جي هوندي بہ ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن.


هيءَ خراب جماعت، جا مون بابت ڪرڪر پيئي ڪري، تنهن سان آءٌ ڪيستائين صبر ڪندس؟ بني اسرائيل منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر پيا ڪن، سا مون ٻڌي آهي؛


۽ يسوع ورندي ڏيئي چيو تہ اي بي اعتقاد ۽ نرڄي قوم، آئون ڪيستائين اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ انهي کي مون وٽ وٺي اچو.


۽ انهي کانپوءِ جڏهن هنن گڏجي ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هن انهن يارهن کي بہ ڏيکاري ڏني، ۽ سندن بي اعتقاديءَ ۽ سخت دليءَ جو طعنو هنيائين، ڇالاءِ جو جن هن کي جي اُٿڻ کانپوءِ ڏٺو هو، تن تي هنن اعتبار نہ ڪيو هو.


۽ جتي جتي اُهو جهليس ٿو، اُتي کنيو پٽ سان هڻيس، ۽ هو گجي پيو ڪڍي، ۽ ڏند پيو ڪرٽي، ۽ ڳريو سڙيو پيو وڃي: مون تنهنجن شاگردن کي چيو تہ هن مان اُهو ڪڍو؛ پر هو ڪڍي نہ سگهيا.


۽ هو اُنهي کي وٽس وٺي آيا، ۽ جڏهن کيس هن ڏٺو، تڏهن يڪدم ڀوت هن کي ڏاڍو ولوڙيو، ۽ هو زمين تي ڪِري پيو، ۽ گجي ڪڍي ليٿڙڻ لڳو.


تڏهن هن اُنهن کي چيو تہ اي نادان، ۽ نبين جي چئي مڃڻ ۾ بي پرواهہ!


تڏهن يسوع ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بي اعتقاد ۽ ضدي قوم، آئون اوهان سان ڪيستائين هوندس، ۽ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ پنهنجي پٽ کي هتي وٺي اچ.


هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان.


تڏهن توما کي چيائين تہ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجا هٿ ڏس، ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪري منهنجيءَ پاسريءَ ۾ وجهہ، ۽ بي ايمان نہ ٿيءُ، پر ايمان آڻ.


تڏهن هن چيو، تہ آءٌ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ آءٌ ڏسندس تہ انهن جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي: ڇالاءِ جو اهي تمام ضدي پيڙهي، ۽ بي ايمان اولاد آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ