Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:18 - Sindhi Bible

18 ۽ جتي جتي اُهو جهليس ٿو، اُتي کنيو پٽ سان هڻيس، ۽ هو گجي پيو ڪڍي، ۽ ڏند پيو ڪرٽي، ۽ ڳريو سڙيو پيو وڃي: مون تنهنجن شاگردن کي چيو تہ هن مان اُهو ڪڍو؛ پر هو ڪڍي نہ سگهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 جڏهن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گِگَ ڪڍيس ٿو. ان وقت هو ڏند ڪرٽي ٿو ۽ شرير بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃيس ٿو. مون اوهان جي چيلن کي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو.‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جڏهن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گِگَ ڪڍيس ٿو. ان وقت هو ڏند ڪرٽي ٿو ۽ بدن بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃيس ٿو. مون اوهان جي شاگردن کي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو.‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 جڏھن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گڦ ڪڍيس ٿو، ان وقت ڏند ڪرٽي ٿو ۽ بدن بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃينس ٿو. مون اوھان جي شاگردن کي چيو تہ ’ھن مان اھو ڀوت ڪڍو.‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن مون کي پنهنجي غضب ۾ ڦاڙيو آهي ۽ ستايو اٿس، هن پنهنجا ڏند مون تي ڪرٽيا آهن؛ منهنجي دشمن پنهنجون اکيون مون تي تيز ڪيون آهن.


بدڪار اهو ڏسي سڙي ويندو؛ هو اهو ڏسي ڏند ڪرٽيندو، ۽ ڳري ويندو. بڇڙن جي مراد تباهہ ٿي ويندي.


۽ ڏسو، هڪڙي ڪنعاني زال اُنهن حدن مان نڪري آئي، ۽ پڪاري چوڻ لڳي تہ اي خداوند، اي دائود جا فرزند، تون مون تي رحم ڪر؛ منهنجي ڌيءَ کي هڪڙي ڀوت ڏاڍو هلاڪ ڪيو آهي.


۽ آئون هن کي تنهنجي شاگردن وٽ وٺي آيس، پر اُهي ڇُٽائي ڪين سگهيس.


پر جيڪي بادشاهت جا ٻار آهن، تن کي ٻاهرينءَ اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏبو. اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هن جبل کي چوندو تہ اتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، ۽ پنهنجي دل ۾ شڪ نہ آڻيندو، ۽ پڪ ڪري ڄاڻيندو تہ جيڪي چوان ٿو سو ٿيندو، تہ جيئن چوندو تيئن ئي ٿي پوندو.


۽ ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏنس، تہ اي اُستاد، منهنجو پٽ، جنهن ۾ گونگو ڀوت آهي، تنهن کي آئون تو وٽ وٺي آيس؛


هن انهن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بي اعتقاد قوم، ڪيستائين آئون اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ مون وٽ وٺي اچوس.


۽ هو اُنهي کي وٽس وٺي آيا، ۽ جڏهن کيس هن ڏٺو، تڏهن يڪدم ڀوت هن کي ڏاڍو ولوڙيو، ۽ هو زمين تي ڪِري پيو، ۽ گجي ڪڍي ليٿڙڻ لڳو.


تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري هن کي ڏاڍو ولوڙي نڪري ويو: ۽ ڇوڪر مردي جهڙو ٿي پيو، اهڙو جو گهڻن چيو تہ هي مري ويو آهي.


هاڻي جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن دل ۾ سڙي ويا، ۽ هن تي ڏند ڪرٽڻ لڳا.


سمنڊ جون شوخ لهرون آهن، جي پنهنجي بي شرميءَ جي گجي ٿيون اُڇلائين. گهُمندڙ تارا آهن، جن جي لاءِ ڀڀ اوندهہ هميشہ واسطي ٺهرايل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ