Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:17 - Sindhi Bible

17 ۽ ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏنس، تہ اي اُستاد، منهنجو پٽ، جنهن ۾ گونگو ڀوت آهي، تنهن کي آئون تو وٽ وٺي آيس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 تنهن تي ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”اي گرو! مون پنهنجو پٽ اوهان وٽ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھس هڪ ڀوت آهي جنهن ڪري ڳالهائي بہ نہ ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تنهن تي ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”اي استاد! مون پنهنجو پٽ اوهان وٽ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھس هڪ ڀوت آهي جنهن ڪري ڳالهائي بہ نہ ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 تنھن تي ميڙ مان ھڪڙي ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”اي استاد! مون پنھنجو پٽ اوھان وٽ آندو ھو، ڇالاءِ⁠جو منجھس ھڪ ڀوت آھي ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:17
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي کانپوءِ هن وٽ هڪڙي ماڻهوءَ کي وٺي آيا، جنهن ۾ ڀوت هو، ۽ جو انڌو ۽ گونگو بہ هو: ۽ هن کيس ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو، اهڙو جو اُهو گونگو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.


اي خداوند، منهنجي پٽ تي رحم ڪر، جو هن کي مرگهيءَ جي بيماري آهي ۽ ڏاڍو هلاک آهي، ڇالاءِ جو بعضي هو باهہ ۾ ڪِريو پوي، ۽ بعضي پاڻيءَ ۾؛


اڃا هو ٻاهر نڪتا تہ ڏسو، هڪڙي گونگي کي وٽس وٺي آيا، جنهن ۾ ڀوت هو.


پوءِ ماڻهو ننڍڙن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، انهي لاءِ تہ مٿن هٿ رکي، پر شاگردن انهن کي ڇينڀيو.


۽ ڏاڍي نيزاري ڪري چوڻ لڳس تہ منهنجي ننڍي نياڻي مرڻ تي آهي: ڀلائي ڪري هلي هٿ گهمائينس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.


۽ اُها زال يونانڻ هئي، ۽ سور فينيڪي جي قوم جي هئي. تنهن نيزاري ڪري چيس، تہ منهنجي نياڻيءَ مان ڀوت ڪڍ.


هن پڇين تہ اوهين هنن سان ڪهڙو بحث ٿا ڪريو؟


۽ جتي جتي اُهو جهليس ٿو، اُتي کنيو پٽ سان هڻيس، ۽ هو گجي پيو ڪڍي، ۽ ڏند پيو ڪرٽي، ۽ ڳريو سڙيو پيو وڃي: مون تنهنجن شاگردن کي چيو تہ هن مان اُهو ڪڍو؛ پر هو ڪڍي نہ سگهيا.


پوءِ جڏهن يسوع ڏٺو تہ ماڻهو ڊوڙندا پيا اچن ۽ گڏ ٿيندا ٿا وڃن، تڏهن ڀوت کي دڙڪو ڏيئي چيائين، تہ اي گونگا ۽ ٻوڙا ڀوت، آئون توکي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ، ۽ وري هن ۾ ڪڏهن بہ نہ گهڙج.


۽ پاڻ هڪڙي گونگي ڀوت کي ٿي ڪڍيائين، ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڀوت نڪري ويو، تڏهن اُهو گونگو ڳالهائڻ لڳو، ۽ ماڻهو ڏاڍي عجب ۾ پيا.


۽ ڏسو، اُنهي ميڙاڪي مان هڪڙي ماڻهوءَ واڪو ڪري چيو، تہ اي اُستاد، آئون توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي پٽ کي اچي ڏس، ڇوتہ هو منهنجو سڪيلڌو آهي.


جڏهن هن ٻُڌو تہ يسوع يهوديہ مان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن وٽس ويو ۽ عرض ڪيائينس تہ هلي منهنجي پٽ کي چڱو ڀلو ڪر؛ جو هو مرڻ تي هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ