Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 9:12 - Sindhi Bible

12 هن چين تہ برابر پهريائين ايلياہ ايندو، ۽ سڀني شين کي موٽي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: پر ابن آدم بابت ڪيئن لکيل آهي، تہ هو گهڻيون سختيون سهندو ۽ ماڻهو حقير ڪري ليکيندس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پوِتر شاستر ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ منش‌پتر گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پاڪ ڪلام ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ ابنِ آدم گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، اھو پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو. پر صحيفي ۾ ائين بہ لکيل آھي تہ ابن⁠آدم گھڻيون سختيون سھندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 9:12
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خدا اُٿ، پاڻ پنهنجي وڪالت ڪر: ۽ ياد ڪر تہ بيوقوف ماڻهو ڪيئن نہ سڄو ڏينهن توکي طعنا ٿو هڻي.


جنهن کي ماڻهو حقير ٿا ڄاڻن؛ جنهن کان قوم کي ڪراهت ٿي اچي، جو حاڪمن جو نوڪر آهي، تنهن کي خداوند اسرائيل جو ڪفارو ڏيندڙ، ۽ هن جو قدوس هيئن ٿو فرمائي تہ بادشاهہ ڏسندا ۽ اُٿي بيهندا؛ سردار سجدو ڪندا؛ ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا، جنهن توکي پسند ڪيو آهي سو وفادار آهي.


مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.


جيئن گهڻا توکي ڏسي حيران ٿي ويا، (هن جي شڪل انسان کان، ۽ هن جي صورت بني آدم کان وڌيڪ بگڙيل هئي،)


۽ خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ اهي ڪنڀار جي اڳيان ڦٽا ڪر، يعني اُها وڏي قيمت، جا هنن منهنجي لاءِ مقرر ڪئي هئي، ۽ مون اهي ٽيهہ روپيا کڻي ڪنڀار جي سامهون خداوند جي گهر ۾ ڦٽا ڪيا.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.


۽ هو پيءُ جي دل پٽ ڏانهن، ۽ پٽ جي پيءُ ڏانهن ڦيرائيندو؛ متان آءٌ اچان ۽ ملڪ تي لعنت وجهان.


انهي وقت کان وٺي يسوع پنهنجي شاگردن کي ٻڌائڻ لڳو تہ ضرور آهي تہ آئون يروشلم ۾ وڃان، ۽ بزرگن ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي هٿان گهڻيون سختيون سهان، ۽ ماريو وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي اُٿان.


ابن آدم بابت جيئن لکيل آهي تيئن هو وڃي ٿو: پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلائجي ٿو! اهو ماڻهو جي پيدا ئي نہ ٿئي ها تہ چڱو.


۽ چوڻ لڳن تہ اِجهو يروشلم ڏانهن ٿا هلون؛ ۽ ابن آدم سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي حوالي ڪيو ويندو؛ ۽ اُهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا، ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا:


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو آهي، ۽ جيئن سندس بابت لکيل آهي، تيئن هن سان بہ جيڪي وڻين سو ڪري چڪا.


ڇالاءِ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏني ۽ چيو، تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي کيس ماري وجهندا، ۽ جڏهن هو ماريو ويندو تڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ جي اُٿندو.


۽ اي ٻچا، تون خدا تعاليٰ جو نبي ڪري ڪوٺبين، ڇوتہ تون خداوند جا رستا تيار ڪرڻ لاءِ سندس اڳيان ٿي هلندين،


۽ هيروديس پنهنجن سپاهين سان گڏجي کيس بي آبرو ڪيو، ۽ ساڻس ٺٺوليون ڪري، شاندار ويس پهرائي موٽائي پيلاطس ڏانهن موڪليائينس.


۽ جن ڏوهارين کي ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيو هئائون، تن مان هڪڙو مٿس ٽوڪبازي ڪري چوڻ لڳو، تہ تون اُهو مسيح آهين نہ؟ تڏهن پاڻ کي بہ بچاءِ ۽ اسان کي بہ بچاءِ.


سو جڏهن هو اچي گڏ ٿيا، تڏهن کانئس پڇيائون، تہ اي خداوند، تون هينئر ئي اسرائيل جي بادشاهت کي وري قائم ڪندين ڇا؟


هيءُ اهو پهڻ آهي، جنهن کي اوهان اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ