Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:6 - Sindhi Bible

6 هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ زمين تي ويهي وڃو: ۽ اُهي ست مانيون کڻي شڪر ڪري ٽڪر ٽڪر ڀڃي شاگردن کي ڏنائين تہ اڳيائن رکن؛ ۽ انهن اُهي ماڻهن اڳيان رکيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 تڏهن هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ پوءِ هن اهي ست ئي روٽيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ جيئن اهي ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏيندا وڃن. چيلن ائين ئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ پوءِ هن اهي ست ئي مانيون هٿن تي کڻي انهن ۾ خدا کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ جيئن اهي ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏيندا وڃن. شاگردن ائين ئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ھن ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“ پوءِ ھن ستن مانين کي کڻي خدا کان انھن ۾ برڪت گھُري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ انھن جي اڳيان رکندا وڃن ۽ انھن ائين ئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي تہ يسوع ماني کنئي، ۽ برڪت گهُري اُها ڀڳائين، ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، کائو، هي منهنجو بدن آهي.


۽ جڏهن چئن هزارن لاءِ ست مانيون ڀڳم تڏهن ٽڪر ٽيرن جا ڪيترا کارا کنيوَ؟ ۽ هنن چيس تہ ست.


تنهن تي پڇيائين تہ ڪيتريون مانيون ساڻ اٿوَ؟ ۽ هنن چيو تہ ست.


۽ وٽن ٿوريون ڪُرڙيون هيون، تن تي بہ شڪرانا چئي کين ڏنائين، تہ اُهي بہ کڻي هنن جي اڳيان رکن.


مبارڪ آهن اُهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي: آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو ڪمر ٻڌي کين کارائڻ لاءِ ويهاريندو، ۽ پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سان گڏ کائڻ ويٺو، تڏهن ماني کڻي اُن تي برڪت گهُريائين، ۽ پوءِ اُها ڀڃي هنن کي ڏنائين.


هن جي ماءُ نوڪرن کي چيو، تہ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو.


(اگرچہ جتي خداوند جي شڪرانن چوڻ بعد هنن ماني کاڌي هئي، انهيءَ جاءِ جي ويجهو ٻيا مڇئا تبرياس کان آيا هئا).


جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري.


۽ جيڪي بہ ڪريو، قول يا فعل، سو سڀ خداوند يسوع مسيح جي نالي تي ڪريو، ۽ انهي جي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيو.


شهر ۾ اچڻ شرط، ۽ سندس مٿانهين هنڌ کائڻ لاءِ وڃڻ کان اڳي، اوهين هن کي ڏسندا، ڇالاءِ جو ماڻهو تيسين نہ کائيندا جيسين ڪ هو ايندو، جو هو قربانيءَ تي برڪت ڏيندو آهي؛ ۽ پوءِ جن کي حڪم ملندو آهي سي کائيندا آهن. تنهنڪري هاڻي اوهين مٿي چڙهو؛ ڇالاءِ جو هن وقت اوهان کي هو ملندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ