Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:36 - Sindhi Bible

36 ڇالاءِ تہ ماڻهوءَ کي انهي مان ڇا حاصل جو سڄي دنيا هٿ ڪري، ۽ پنهنجي جان وڃائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 ڀلا، ڪنهن ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو جو هو سڄو سنسار تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 ڀلا، ڪنهن ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو جو هو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 ڀلا ماڻھوءَ کي انھيءَ مان ڪھڙو فائدو جو ھو سڄي دنيا تہ ھٿ ڪري پر پنھنجي جان وڃائي ڇڏي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:36
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ، کل جي بدران کل، بلڪ جيڪي بہ ڪنهن انسان وٽ آهي سو هو پنهنجي حياتيءَ جي عيوض ڏيندو.


ڪو انسان خدا کي ڪمائتو ٿي سگهندو ڇا؟ يقين آهي تہ اهو جو ڏاهو آهي سو پنهنجي لاءِ ئي ڪمائتو آهي.


ڇو تہ جڏهن هو مرندو تڏهن ڪي کڻي ڪين ويندو؛ سندس شوڪت ساڻس گڏ ڪين ويندي.


اوهان چيو آهي تہ خداوند جي خدمت چاڪري ڪرڻ اجائي آهي: ۽ لشڪرن جي خداوند جو حڪم مڃڻ، ۽ سندس اڳيان ماتم ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟


ڇو تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڇا حاصل ٿيندو جو هو سڄي دنيا هٿ ڪري ۽ پنهنجي جان وڃائي؟ يا ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟


ڇالاءِ جو جيڪو ڀانئين ٿو تہ پنهنجي جان بچايان، سو اُها وڃائيندو؛ ۽ جيڪو منهنجي واسطي ۽ انجيل جي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو، سو اُها بچائيندو.


ڇاڪاڻ تہ ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟


ڇوتہ جيڪڏهن ماڻهو سڄي دنيا کڻي هٿ ڪري، ۽ پنهنجي جان وڃائي يا اُنهي جو نقصان کڻي، تہ ڪهڙو فائدو ٿيندس؟


پوءِ جن ڪمن جي ڪري اوهان کي هاڻي شرم ٿو اچي، تن مان اُنهي وقت اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڇالاءِ جو انهن ڪمن جو نتيجو آخر موت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ