Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:25 - Sindhi Bible

25 تڏهن وري هن پنهنجا هٿ هن جي اکين تي رکيا، ۽ هو چتائي نهارڻ لڳو، ۽ سڄو سارو ٿي پيو، ۽ سڀ شيون صاف ڏسڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 تنهن تي يسوع وري پنهنجا هٿ هن جي اکين تي گھمايا. پوءِ هو غور سان ڏسڻ لڳو تہ سندس نظر بحال ٿي ويئي ۽ هو ڏورانهيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 تنهن تي عيسيٰ وري پنهنجا هٿ هن جي اکين تي گھمايا. پوءِ هو غور سان ڏسڻ لڳو تہ سندس نظر بحال ٿي ويئي ۽ هو ڏورانهيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 تنھن تي عيسيٰ وري پنھنجا ھٿ ھن جي اکين تي رکيا تہ ھو غور سان ڏسڻ لڳو ۽ سندس نظر بحال ٿي ويئي. ھو ڏورانھيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:25
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر سچن جي واٽ چمڪندڙ روشنائيءَ وانگر آهي، جا وڌيڪ چمڪندي چمڪندي ڪامل ڏينهن تائين پهچي ٿي.


ڇالاءِ جو جنهن وٽ ڪي آهي تنهن کي ڏنو ويندو ۽ اُنهي وٽ ججهو ٿي پوندو: پر جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي اٿس سو بہ کسي وٺبو.


هن مٿي نهاري چيو تہ آئون ماڻهو ڏسان ٿو، ڇالاءِ جو هو مون کي وڻن وانگر پنڌ ڪندا نظر ٿا اچن.


۽ هن گهر ڏانهن روانو ڪري چيس تہ اصل ڳوٺ ۾ وڃ ئي نہ.


۽ جيئن هو کڄي ويو ۽ هنن چتائي آسمان ڏانهن پئي نهاريو، تيئن اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇن وڳن ۾، سندن پاسي ۾ اچي بيهي رهيا؛


تنهن پولس کي ڳالهائيندو ٻُڌو: ۽ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ سهي ڪيائين تہ کيس اهڙو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگهندو؛


۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


بلڪ اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو. شل انهي جو جلال هاڻي بہ ۽ هميشہ جي لاءِ هجي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ