Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:22 - Sindhi Bible

22 پوءِ هو بيت صيدا ۾ آيا، ۽ هڪڙي انڌي کي وٽس آندائون، ۽ عرض ڪيائونس تہ هن کي هٿ لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 پوءِ هو بيت‌صيدا ۾ آيا. اتي ڪي ماڻهو هڪ انڌي کي يسوع وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”هن کي هٿ لايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ هو بيت‌صيدا ۾ آيا. اتي ڪي ماڻهو هڪ انڌي کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”هن کي هٿ لايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 پوءِ ھو بيت⁠صيدا ۾ آيا، جتي ڪي ماڻھو ھڪ انڌي کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”ھن کي ھٿ لايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:22
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

افسوس توتي اي خورازين! افسوس توتي اي بيت صيدا! ڇالاءِ جو جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر هن کان گهڻو اڳي هو کٿو ڍڪي ۽ رک لائي توبهہ ڪن ها.


۽ منٿ ڪري چيائونس، تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتو، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا.


۽ هن کيس هٿ لاتو، تہ تپ ڇڏي ويس؛ پوءِ هوءَ اُٿي سندس خدمت ڪرڻ لڳي.


سو هن پنهنجو هٿ ڊگهيري کيس ڇُهي چيو، تہ منهنجي مرضي آهي تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ. ۽ يڪدم هن جو ڪوڙهہ لهي ويو.


تڏهن هن سندن اکين کي هٿ لائي چيو، تہ اوهان جي ايمان موجب اوهان سان ٿئي.


۽ ماڻهو هڪڙي اڌرنگيءَ کي چئن ڄڻن کان کڻائي اتي وٺي آيا.


ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڇُٽايو هو، تنهنڪري جيڪي بہ ماڻهو مرض ۾ گرفتار هئا، سي کيس ڇهڻ لاءِ مٿس پئي ڳاهٽ ٿيا.


۽ يڪدم هن پنهنجن شاگردن تي زور رکيو تہ اوهين ٻيڙيءَ تي چڙهي مون کان اڳي هن ڀر بيت صيدا ۾ هلو، جيسين آئون خلق کي روانو ڪريان.


افسوس آهي توتي، اي خرازين! افسوس آهي توتي، اي بيت صيدا! ڇوتہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر اُهي کٿو ڍڪي، ۽ رک وجهي، ڪڏهانڪر ويهي توبهہ ڪن ها.


پوءِ رسول جڏهن موٽي آيا، تڏهن جيڪي ڪيو هئائون، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايائونس ۽ هو اُنهن کي بيت صيدا نالي شهر ڏانهن خلاصو وٺي ويو.


اُهو فلپس بيت صيدا جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا.


اُهي فلپس وٽ آيا، جو گليل واري بيت صيدا شهر جو ويٺل هو، ۽ سوال ڪري چيائونس، تہ سائين اسان جي مرضي آهي تہ يسوع کي ڏسون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ