Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:17 - Sindhi Bible

17 ۽ يسوع اُها ڳالهہ سهي ڪري کين چيو، تہ ڇو ٿا بحث ڪريو تہ اسان وٽ ماني ڪانهي؟ اڃا پروڙيو نٿا ڇا نڪي سمجهو ٿا؟ اوهان جي دل سخت ٿي پيئي آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 يسوع سندن ڳالهہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ روٽي ڪونهي؟ ڇا اوهين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوهان جا دماغ ايترا چٽ آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 عيسيٰ سندن ڳالهہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ ماني ڪونهي؟ ڇا اوهين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوهان جا دماغ ايترا چٽ آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ ماني ڪونھي؟ ڇا اوھين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوھان جا دماغ ايترا چٽ آھن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند ڇو تون اسان کي پنهنجن رستن کان گمراهہ ٿو ڪرين، ۽ اسان جي دل کي سخت ٿو ڪرين تہ تنهنجو ڊپ نہ رکون؟ پنهنجن بندن جي خاطر، ۽ پنهنجي ميراث جي قبيلن جي خاطر موٽي اچ.


۽ يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري اُتان نڪري ويو: ۽ گهڻا سندس پٺيان ويا؛ ۽ هن اُنهن سڀني کي شفا ڏني،


ايتري بہ خبر نٿي پئيوَ تہ جيڪي وات ۾ پوي ٿو سو لنگهي پيٽ ۾ ٿو وڃي، اُتان جاءِ ضرور مان نڪريو وڃي؟


۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ماني ڪانہ آندي آهي، تنهنڪري ائين ٿو چوي.


۽ انهي کانپوءِ جڏهن هنن گڏجي ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هن انهن يارهن کي بہ ڏيکاري ڏني، ۽ سندن بي اعتقاديءَ ۽ سخت دليءَ جو طعنو هنيائين، ڇالاءِ جو جن هن کي جي اُٿڻ کانپوءِ ڏٺو هو، تن تي هنن اعتبار نہ ڪيو هو.


تڏهن يڪدم يسوع پنهنجي روح ۾ معلوم ڪيو تہ هو دل ۾ هي دليل ٿا آڻين، ۽ کين چيائين، تہ اوهين پنهنجي دل ۾ انهن ڳالهين بابت دليل ڇو ٿا ڊوڙايو؟


تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس.


ڇالاءِ جو هنن مانين واري ڳالهہ نہ سمجهي هئي، پر سندن دل سخت ٿي ويئي هئي.


سو هو هڪ ٻئي سان بحث ڪري چوڻ لڳا تہ اسان وٽ ماني ڪانهي.


تڏهن هن اُنهن کي چيو تہ اي نادان، ۽ نبين جي چئي مڃڻ ۾ بي پرواهہ!


هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، ۽ ضرور ئي ڪونہ اٿيئي تہ ڪو توکان پڇي، انهيءَ مان اسان کي ايمان آيو آهي تہ تون خدا وٽان آيو آهين.


وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج.


۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ