Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 8:11 - Sindhi Bible

11 پوءِ فريسي آيا ۽ اچي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا، ۽ آزمائڻ لاءِ چيائونس تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 اتي ڪي فريسي يسوع وٽ آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ ساڻس بحث ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اتي ڪي فريسي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ ساڻس بحث ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آسماني نشاني ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 فريسي عيسيٰ وٽ آيا ۽ اچي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 8:11
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ اسان کي پاڻي ڏي تہ پيون. تڏهن موسيٰ هنن کي چيو تہ اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو، ۽ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟


هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا، ۽ هنن اتي خداوند کي آزمايو هو، ۽ چيو هئائون تہ ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟


۽ هاڻي اسين مغرور ماڻهوءَ کي خوشنود ٿا چئون؛ هائو، اُهي جي شرارت جا ڪم ٿا ڪن، سي آباد آهن؛ هائو، اُهي خداوند کي آزمائين ٿا ۽ ڇُٽي وڃن ٿا.


تڏهن ڪن فقيهن ۽ فريسين هن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، اسان جي مرضي آهي تہ اسان کي ڪا نشاني ڏيکار.


۽ فريسي آزمودي وٺڻ لاءِ وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اهو روا آهي ڇا تہ مڙس ڪنهن بہ سبب ڪري پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي؟


۽ جڏهن هو هيڪل ۾ آيو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ اُمت جي بزرگن وٽس اچي چيو تہ تون اهي ڪم ڪهڙيءَ اختياريءَ سان ٿو ڪرين؟ ۽ ڪنهن توکي اها اختياري ڏني آهي؟


تڏهن فريسي وڃي صلاح ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايون.


پر يسوع هنن جي بدنيتي سهي ڪري چيو تہ اي رياڪارو، اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟


انهي ڏينهن وٽس صدوقي آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪين: ۽ انهن کانئس پڇيو تہ


اسين ڏيون يا نہ ڏيون؟ پر هن انهن جي رياڪاري سهي ڪري چيو، تہ اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟ هڪڙو دينار مون وٽ کڻي اچو تہ آئون ڏسان.


۽ جڏهن فريسين جي فقيهن هن کي انهن گنهگارن ۽ ٺيڪيدارن سان گڏ ماني کائيندو ڏٺو، تڏهن سندس شاگردن کي چوڻ لڳا، تہ هو محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ويٺو کائي پيئي.


هن پڇين تہ اوهين هنن سان ڪهڙو بحث ٿا ڪريو؟


۽ ڏسو، هڪڙو شريعت جو اُستاد اُٿي بيٺو، ۽ کيس آزمائڻ لاءِ چيائين، تہ اي اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟


۽ ٻين کيس آزمائڻ لاءِ چيو، تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار.


يسوع چيس تہ جيستائين اوهين نشانيون ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا، تيستائين هرگز نہ مڃيندا.


تنهن تي هنن چيس، تہ پوءِ تون اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين تہ اسين ڏسي توکي قبول ڪريون؟ تون ڪهڙو ڪم ٿو ڪرين؟


ڇا سردارن يا فريسين مان بہ ڪنهن مٿس ايمان آندو آهي؟


۽ ائين جو چيائون ٿي سو کيس آزمائڻ لاءِ، تہ مٿس تهمت آڻڻ جو سبب ملين. پر يسوع نِوڙي پنهنجيءَ آڱر سان زمين تي لکڻ لڳو.


تنهن تي پطرس چيس تہ اوهان خداوند جي روح کي آزمائڻ لاءِ ٻَڌي ڇو ڪئي آهي؟ ڏس، جيڪي تنهنجي مڙس کي دفن ڪري آيا آهن، تن جا پير اڃا در تي آهن، سي توکي بہ ٻاهر کڻي ويندا.


نڪي اسان کي خداوند جي آزمائش وٺڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ورتي، ۽ پوءِ نانگن ڏنگي چٽ ڪين.


اوهين خداوند پنهنجي خدا کي متان آزمايو، جيئن اوهان هن کي مساہ ۾ آزمايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ