Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 7:9 - Sindhi Bible

9 اوهين پنهنجن روايتن رکڻ لاءِ خدا جي حڪم کي ڪهڙو نہ رد ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اوهين پنهنجين ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر ايشور جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اوهين پنهنجين ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر خدا جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اوھين پنھنجن ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر خدا جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 7:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وقت آيو آهي تہ خداوند ڪم ڪري؛ ڇو جو انهن تنهنجيءَ شريعت کي رد ڪيو آهي.


زمين سندس رهاڪن ڪري پليت ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هو شريعت جون حدون لنگهي ويا آهن، ۽ قانون بدلايو اٿن، ۽ دائمي عهد اقرار ڀڳو اٿن.


۽ خداوند فرمايو تہ هيءَ اُمت منهنجي ويجهو ٿي اچي، ۽ پنهنجي وات سان، ۽ پنهنجن چپن سان منهنجي تعظيم ٿي ڪري؛ پر پنهنجي دل مون کان پري ڪئي اٿس، ۽ منهنجو ڊپ رڳو ماڻهن جي حڪم ڪري اٿس، جو کين سيکاريو ويو آهي.


۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو.


۽ اُهو خدا تعاليٰ جي برخلاف ڳالهيون ڪندو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي هلاڪ ڪندو: ۽ هو وقتن ۽ شريعت جي ڦيرائڻ جو خيال ڪندو؛ ۽ اُهي هن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا، جيستائين هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زمانو گذرندو.


انهي طرح اوهين پنهنجي روايت جا جاري ڪئي اٿوَ، تنهن سان خدا جي ڪلام کي رد ڪري ٿا ڇڏيو: ۽ ٻيا بہ گهڻيئي اهڙا ڪم ٿا ڪريو.


ڇالاءِ تہ فريسي ۽ سڀ يهودي پنهنجن وڏن جي روايت موجب، جيسين پنهنجا هٿ چڱيءَ طرح نہ ڌوئن، تيسين ڪين کائيندا آهن.


سو فريسين ۽ فقيهن کانئس پڇيو تہ تنهنجا شاگرد ڇالاءِ وڏن جي روايتن موجب نٿا هلن، پر پليت هٿن سان ماني ٿا کائين؟


تڏهن اسين شريعت کي ايمان جي ڪري رد ٿا ڪريون ڇا؟ اصل ئي نہ، بلڪ اسين شريعت کي قائم ٿا ڪريون.


جيڪڏهن ڪو اچي ٻئي يسوع جي منادي ڪري جنهن جي اسان منادي نہ ڪئي، يا جيڪڏهن اوهان کي ڪو ٻيو روح ٿو ملي جو اڳي نہ مليو اٿوَ، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جا اوهان قبول نہ ڪئي هئي، تہ پوءِ اهو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انهي جي برداشت ٿا ڪريو؟


۽ مون يهودين جي مذهب ۾ پنهنجي قوم جي ماڻهن مان گهڻن پاڻ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪئي هئي؛ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي روايتن لاءِ تمام گهڻو سرگرم هوس.


آئون خدا جي فضل کي اجايو نٿو وڃايان، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن راستبازي شريعت جي وسيلي ملي ها، تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿيو.


۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ