Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 7:4 - Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن، تڏهن جيسين تڙ نہ ڪن، تيسين ڪين کائيندا آهن، ۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون آهن جي هنن کي قائم رکڻ لاءِ وڏن کان مليل آهن، جيئن تہ پيالن ۽ لوٽن ۽ پتل جي ٿانوَن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين اشنان نہ ڪن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين نہ وهنجن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ۽ جڏھن بازار کان اچن تڏھن جيسين نہ وھنجن تيسين ڪين کائيندا آھن. انھن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آھن جھڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانون ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 7:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ بيگناهيءَ ۾ پنهنجا هٿ ڌوئيندس؛ اي خداوند، آءٌ تنهنجيءَ قربانگاهہ کي گهيري رهندس.


اوهين وهنجو، پاڻ کي پاڪ ڪريو؛ پنهنجا بڇڙا ڪم منهنجي اکين جي اڳيان ٽاريو؛ بڇڙائي ڪرڻ کان بس ڪريو:


۽ مون ريڪابين جي گهراڻي جي پٽن جي اڳيان شراب سان ڀريل دُنگڙيون ۽ پيالا رکيا، ۽ چيو مان تہ اوهين شراب پيو.


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو ملي صاف ٿا ڪريو، پر اندران اُهي ظلم ۽ زبردستيءَ سان ڀريون پيون آهن.


اي انڌا فريسي، پهرين وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو اندريون پاسو ملي صاف ڪر، تہ پوءِ انهن جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي پوندو.


تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ منهنجي نٿا مڃين، اُٽلندو گوڙ ٿو مچي، تڏهن پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان هٿ ڌوتائين، ۽ چيائين تہ آئون هن راستباز ماڻهوءَ جي خون کان بي ڏوهو آهيان: اوهين پاڻ ڄاڻو.


اوهين خدا جي حڪم کي ڇڏي ماڻهن جي روايت کي قائم ٿا رکو.


اتي يهودين جي طهارت جي رسم موجب پٿر جا ڇهہ مَٽ، (هرهڪ اٽڪل ٻہ يا ٽي مڻو) رکيل هئا.


پوءِ يوحنا جي شاگردن جو ڪنهن يهوديءَ سان طهارت جي رسم بابت بحث ٿيو.


ڇالاءِ جو اُهي فقط کائڻ ۽ پيئڻ ۽ جدا جدا قسمن جي غسلن سان تعلق رکندڙ جسماني قانون آهن، جي سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا.


خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو.


پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ