Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 7:24 - Sindhi Bible

24 پوءِ اُتان اُٿي صور ۽ صيدا جي حدن ڏانهن ويو. ۽ هڪڙي گهر ۾ اندر ويو، ۽ مرضي هيس تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهي جي خبر نہ پوي، پر لڪي نہ سگهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 پوءِ يسوع اتان اُٿي صور شهر جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي هڪڙي گھر ۾ رهيو. هن جي مرضي هئي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي سندس اچڻ جي سڌ نہ پوي، پر اها ڳالهہ لڪي نہ سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شهر جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي هڪڙي گھر ۾ رهيو. هن جي مرضي هئي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر اها ڳالهہ لڪي نہ سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شھر جي علائقن ڏانھن روانو ٿيو ۽ ھڪڙي گھر ۾ گھڙي ويو. ھن جي مرضي ھئي تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر ھو لڪي نہ سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 7:24
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان کي پهريون پٽ صيدون ڄائو ۽ پوءِ حت؛


ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان غزہ تائين، جو جرار جي واٽ تي آهي، ۽ ٻئي پاسي لسع تائين جو سدوم، عمورہ، ارمہ ۽ ضيبيان جي واٽ تي آهي.


زبولون سمنڊ جي ڪناري تي رهندو، هو جهازن جي بندرگاهہ ٿيندو؛ ۽ سندس سرحد صيدا تائين وڃي پهچندي.


۽ هن چيو تہ اي صيدا جي مظلوم ڪنواري ڌيءَ، تون وري اڳتي خوش نہ رهندينءَ: اُٿ، لنگهي ڪتيم ڏي وڃ؛ پر اتي بہ توکي آرام نہ ملندو.


هو رڙ نہ ڪندو، نڪي هل ڪندو، نڪي هن جو آواز گهٽيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو.


اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي.


افسوس توتي اي خورازين! افسوس توتي اي بيت صيدا! ڇالاءِ جو جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر هن کان گهڻو اڳي هو کٿو ڍڪي ۽ رک لائي توبهہ ڪن ها.


پوءِ جڏهن هو گهر ۾ آيو، تڏهن اُهي انڌا وٽس آيا: ۽ يسوع چين تہ اوهان جو ايمان آهي تہ هي آئون ڪري سگهندس؟ هنن چيس تہ هائو خداوند.


۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وري هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن هل پئجي ويو تہ هو گهر آيو آهي.


اهي سڀ خراب شيون اندر مان ٿيون نڪرن، ۽ ماڻهوءَ کي پليت ٿيون ڪن.


مگر يڪدم هڪڙي زال جنهن جي ننڍڙي ڌيءَ ۾ ڀوت هو سا سندس خبر ٻڌي آئي، ۽ اچي پيرين پيس.


۽ وري هو صور جي حد مان نڪري، صيدا مان لنگهي، دڪاپلس جي حدن جو وچ ڏيئي، گليل جي سمنڊ ڏانهن آيو.


انهيءَ طرح چڱا ڪم بہ ظاهر ٿا ٿين، ۽ جيڪي ظاهر نہ ٿيا آهن، سي بہ لڪل نہ رهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ