Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 7:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو موسيٰ فرمايو آهي تہ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ جي عزت ڪريو، ۽ جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي گلا ڪري، سو اُڦٽ ماريو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 مثال طور موسيٰ جي نيم شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪريو‘ ۽ ’جيڪو پنهنجي ماتا يا پتا جي گلا ڪري تنهن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 مثال طور موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪو پنهنجي ماءُ يا پيءُ جي گلا ڪري تنهن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 جيئن تہ موسيٰ فرمايو آھي تہ ’پنھنجي ماءُ ۽ پنھنجي پيءُ جي عزت ڪريو.‘ ۽ ’جيڪو پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي گلا ڪري تنھن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 7:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.


جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي لعنت ڪري ٿو تنهنجو ڏيئو سخت اونداهيءَ ۾ وسايو ويندو.


جا اک پنهنجي پيءُ تي ٺٺولي ڪري ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ کي پسند نٿي ڪري، تنهن کي واديءَ جا ڪانگ ٺونگا هڻي پٽي ويندا، ۽ ڳجهہ جا ٻچا کائي ويندا.


۽ جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو: هن پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪئي آهي؛ ۽ انهي جو خون سندس گردن تي آهي.


ڇالاءِ جو خدا چيو آهي تہ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي عزت ڪريو: ۽ جيڪو پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري سو ڀلي تہ اُڦٽ ماريو وڃي.


توکي حڪمن جي خبر آهي، تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر، ٺڳي نہ ڪر، پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.


جيڪو ماڻهو ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


تون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪر، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڀلو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ