Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هنن جي بي اعتقاديءَ تي ڏاڍو عجب لڳس. پوءِ هو چوڌاري ڳوٺن ۾ تعليم ڏيندو گهمندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 انھن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ عيسيٰ چوطرف سڀني ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن ڏٺو تہ ڪو ماڻهو ڪونهي، ۽ عجب لڳس تہ ڪو شفاعت ڪرڻ وارو ڪونهي: تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ٻانهن سان هن جي لاءِ نجات آندي؛ ۽ هن جي راستبازيءَ هن کي سنڀاليو.


ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا آهن ڇا، جي حقيقت ۾ خدا ناهن؟ پر منهنجي قوم انهيءَ شيءِ تي پنهنجو جلال بدلايو آهي، جنهن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.


۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.


جڏهن يسوع هي ٻڌو تڏهن عجب لڳس، ۽ جيڪي پٺيان ٿي آيس تن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هيڏو ايمان مون ڪونہ ڏٺو آهي، بلڪ اسرائيل ۾ بہ نہ.


پوءِ يسوع سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾، ۽ عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مريضن، ۽ بيمارن کي ڇُٽائيندو گهُمندو رهيو.


۽ هو ساري گليل ۾ انهن جي عبادتگاهن ۾ وڃي منادي ڪندو ۽ ڀوت ڪڍندو رهيو.


۽ هو اُتان اُٿيو ۽ يهوداہ جي حدن ۾ يردن نديءَ جي پرينءَ ڀر آيو: ۽ وري بہ ماڻهن جو ميڙاڪو وٽس اچي گڏ ٿيو؛ ۽ جيئن سندس عادت هئي تيئن وري بہ انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.


۽ هو شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليم ڏيندو، يروشلم ڏانهن سفر ڪندو پئي ويو.


۽ هو ڪفرناحوم نالي گليل جي هڪڙي شهر ۾ آيو، ۽ سبت جي ڏينهن ماڻهن کي ويٺي سيکاريائين:


۽ هو گليل جي عبادتخانن ۾ منادي ڪندو رهيو.


هن جواب ڏيئي چين تہ واهہ، هيءُ بہ هڪڙو عجب، هن منهنجيون اکيون کوليون آهن، تڏهن بہ اوهان کي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان جو آهي.


تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ