Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:56 - Sindhi Bible

56 ۽ ڳوٺن، ۽ شهرن، ۽ ٻهراڙيءَ ۾، جتي ڪٿي هو ويو ٿي، اُتي بيمارن کي بازارن ۾ آڻي ٿي رکيائون، ۽ منٿ ڪري ٿي چيائونس تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتس، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

56 يسوع ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ اتي ماڻهن پنهنجا بيمار چونڪن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري بيمار کي رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ هٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

56 عيسيٰ ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ اتي ماڻهن پنهنجا بيمار چونڪن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري بيمار کي رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ هٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

56 عيسيٰ ڳوٺن، شھرن ۽ واھڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ ماڻھن پنھنجا بيمار بازارن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مھرباني ڪري بيمار کي رڳو پنھنجي دامن تي ھٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ ھٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:56
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ هڪڙي ماڻهو کي دفن پي ڪيائون تہ ڏس، هنن هڪڙي ٽولي ڏٺي؛ ۽ هنن انهيءَ ماڻهو کي کڻي اليشع جي قبر ۾ اُڇلايو؛ ۽ جنهن وقت اُهو ماڻهو اليشع جي هڏن کي وڃي لڳو، انهيءَ وقت هو وري جيئرو ٿي پيو، ۽ اُٿي پيرن ڀر بيهي رهيو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ منٿ ڪري چيائونس، تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتو، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا.


۽ ڏسو، هڪڙي زال جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت وهندو هو سا سندس پٺيان آئي، ۽ سندس پوشاڪ جي دامن کي اچي هٿ لاتائين:


ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڇُٽايو هو، تنهنڪري جيڪي بہ ماڻهو مرض ۾ گرفتار هئا، سي کيس ڇهڻ لاءِ مٿس پئي ڳاهٽ ٿيا.


۽ انهي ساري علائقي ۾ چوڌاري ڊوڙي ويا، ۽ جتي ٿي ٻڌائون تہ هو آيو آهي، اُتي بيمارن کي کٽولن تي کڻي ٿي آيا.


پر يسوع جواب ڏيئي چيو تہ بس ٺهيو! پوءِ هن جي ڪَن کي هٿ لائي ڇُٽائي ڇڏيائينس.


۽ سڄي ميڙاڪي جي مرضي هئي تہ هن کي هٿ لائيون، ڇالاءِ جو منجهانئس قدرت پئي نڪتي، ۽ سڀني کي شفا پئي بخشيائين.


سا پٺيانئس آئي، ۽ اچي سندس ڪپڙي جي پلوَ کي هٿ لاتائين، ۽ اُنهي دم هن جو رت پوڻ بند ٿي ويو.


۽ ڪنهن بہ ٻئي کان نجات ڪانهي؛ ڇالاءِ جو آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي، جنهن جي ڪري اسان کي نجات ملي.


جيڪڏهن اڄ اسان کان، جا ڀلائي هڪڙي ڪمزور ماڻهوءَ سان ڪئي ويئي آهي، تنهن جي نسبت ۾ پڇا ٿي ٿئي، تہ هو ڪيئن چڱو ڀلو ٿيو،


ايتري قدر جو ماڻهو بيمارن کي منجن ۽ کٽولن تي کڻي آڻي رستن تي رکندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن پطرس اچي، تڏهن ٻيو نہ تہ من سندس پاڇو ئي منجهانئن ڪنهن تي پوي.


جنهن ڪپڙي سان تون پاڻ کي ڍڪين، تنهن جي چئن ئي پاسن تي جهالر لڳائج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ