Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:5 - Sindhi Bible

5 ۽ اُتي هو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگهيو، سواءِ انهي کان تہ ٿورن بيمارن کي هٿ لائي شفا ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5-6 يسوع اتان جي ماڻهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين چڱو ڀلو ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ چمتڪار ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ تي يسوع کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ هو آس‌پاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي سکيا ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5-6 عيسيٰ اتان جي ماڻهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ هو آس‌پاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 عيسيٰ اتي ڪن ٿورن بيمار ماڻھن جي مٿان ھٿ رکي شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون جلدي ڪري اوڏانهن ڀڄي وڃ؛ ڇالاءِ تہ جيسين تون اتي نہ پهچندين، تيسين آءٌ ڪي بہ ڪين ڪري سگهندس. تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو ضغر پئجي ويو.


پر جڏهن هن شخص ڏٺو تہ آءٌ يعقوب تي غالب پئجي نٿو سگهان، تڏهن هن جي ران جي اندرينءَ نس کي هٿ لاتائين: ۽ جيئن هو يعقوب سان ملهہ پئي وڙهيو، تيئن يعقوب جي ران جي نس چڙهي ويئي.


۽ هنن جي بي اعتقاديءَ ڪري هن اُتي گهڻا معجزا نہ ڪيا.


۽ ڏاڍي نيزاري ڪري چوڻ لڳس تہ منهنجي ننڍي نياڻي مرڻ تي آهي: ڀلائي ڪري هلي هٿ گهمائينس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.


يسوع هن کي چيو تہ ”جي تون ڪجهہ ڪري سگهين“! جيڪو ايمان ٿو آڻي، تنهن لاءِ سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.


۽ هيئن ٿيو جو پبلوس جو پيءُ تپ ۽ پيچش جي ڪري بيمار پيو هو: تنهن وٽ پولس لنگهي ويو، ۽ دعا گهُري مٿس هٿ رکي کيس ڇُٽايائين.


ڇالاءِ جو اسان کي بہ اهڙي خوشخبري ٻُڌائي ويئي آهي جهڙي هنن کي ٻُڌائي ويئي هئي: پر ڪلام، جو ٻُڌو هئائون، تنهن مان کين فائدو ڪونہ رسيو؛ ڇالاءِ جو جن اهو ٻُڌو، تن ۾ اسان جهڙو ايمان ڪونہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ